لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اليڪشن دوران لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد سريا پڌر واري پولينگ اسٽيشن ڀرسان بم ڌماڪو مختلف پارٽين جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي اسپتال داخل بم ڦاٽڻ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو، خبر موجب لاڙڪاڻي شهر جي سريا پڌرواري علائقي ۾ اليڪشن دوران پولينگ اسٽيشن ڀرسان بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب مختلف پارٽين جا ڪارڪنن غلام مرتضيٰ ڀٽو، ذوالفقار سرهيو، محمد صالح لاشاري، فهيم سرهيو، محمد نواز شيخ، اسد الله شيخ سميت ٻيا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جو علاج ڊاڪٽرن پاران جاري آهي، جڏهن ته رينجرس، پوليس ۽ بم اسڪوارڊ ٽيم جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ان موقعي تي لاڙڪاڻو پوليس جي اعليٰ عملدارن واقعي بابت صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اليڪشن دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، شهر جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پوليس سميت پاڪ آرمي ۽ ريجرس پڻ موجود آهي، هنن چيو ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪرڻ بعد ڪجھ ٻڌائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سخت سڪيورٽي ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ پهتو، جتي هن اليڪشن واري ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي سريا پڌر واري علائقي ۾ پولنگ اسٽيشن ڀرسان بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن سان ملاقات ڪري عيادت ڪئي، ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيه سان ڳالهائيندي چيو ته پولنگ اسٽيشن وٽ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريا ٿو، جڏهن ته اهڙا واقعا پ پ لاءِ هڪ سازش آهن، جيڪي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اهڙا واقعا اسان ۾ خوف ڦلائڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، ته جيئن دهشت پيدا ٿي سگهي، پر اسان انهن ڌماڪو ڪرڻ وارن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان جا حوصلا بلند آهن اهڙا ڌماڪا اسان جي حوصلن کي ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهن. هوڏانهن جميعت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد خالد محمود سومرو ڪالھ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ پهچي سريا پڌر واري پولنگ اسٽيشن ڀرسان بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن ماڻهن سان ملاقات ڪري عيادت ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته اسان هن حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته هن واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي واقعي ۾ زخمي ٿيلن سان انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي جميعت علماءِ اسلام لاڙڪاڻي جو پريس ترجمان حميد الله سيال، مولانا عبدالغفار ڀٽو سميت ٻيا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟