ڀارتي بورڊ جي هٺ ڌرمي، ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ جو انعقاد ٻڏتر جو شڪار

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي هٺ ڌرمي، ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جو انعقاد ٻڏتر جو شڪار، گڏيل عرب امارتن ۾ سيپٽمبر ۾ ٿيڻ واري ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان ڀارتي ٽيم لنوائڻ لڳي جنهن تي ٽورنامينٽ به عير يقيني جي صورتحال تي مشتمل ٿي وئي. ڀارتي بورڊ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪري سگهي ٿو. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نمائندي مطابق ٽورنامينٽ ملتوي نه ٿيو آه.ي ان جو شيڊول ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ٿي ويندو. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل دبئي ۽ ابوظهبي ۾ 15 کان 28 سيپٽمبر تائين ايشيا ڪپ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽيمون 13 سيپٽمبر تي پهچنديون. ٽورنامينٽ جي ميزباني ڀارت کي ملي هئي پر پاڪستان جي ڪري لنوائي وئي. پي سي بي جي صدر نجم سيٺي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس ايشين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قائل ڪندو پر ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جي شرڪت مشڪوڪ آهي پر ان حوالي سان اڃا تائين اعلان نه ٿيو آهي. ماضيءَ ۾ ڀارت کانسواءِ ڪيترائي ڀيرا ايشيا ڪپ جو انعقاد ٿي چڪو آهي. ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان شامل هونديون.

اپنا تبصرہ بھیجیں