اڄ واري اليڪشن لاءِ قومي ٽيم جا رانديگر به تمام گهڻو پرجوش

0Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊ ۾ جتي سڄي قوم پنهنجي حق جو استعمال ڪرڻ لاءِ بي چين آهي اتي ئي قومي ڪرڪيٽر به پنجن ورهين بعد ايندڙ ان موقعي لاءِ تمام گهڻو پُرجوش آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد قوم کي اپيل ڪئي آهي ته هو پاڪستان لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪن پنهنجن علائقن مان صاف سٿرو ڪردار رکندڙ ۽ ايماندار اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي ايوان ۾ پهچايو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته ووٽ هڪ امانت آهي ان جو درست استعمال ڪريو ۽ پنهنجي ملڪ جي مسئلن کي سامهون رکي نيڪ ۽ صاف سٿري قيادت کي ووٽ ڏيو. اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر محمد حفيظ چيو ته پنهنجو قومي فرض ادا ڪري ان شخص کي ووٽ ڏيو جيڪو پاڪستان لاءِ بهتر هجي جيڪا پارٽي پاڪستان جي حق ۾ بهتر ڪم ڪري ان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم عظيم آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته پاڪستان کي بدلائڻ جو وقت اچي ويو آهي، تبديلي لاءِ عمران خان کي ووٽ ڏيو. اڳوڻي ٽيسٽ اوپنر شعيب محمد چيو ته تبديلي جو وقت اچي ويو آهي پر سوچي سمجهي ووٽ ڪاسٽ ڪريو. قومي هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين چيو ته پاڪستان جي قسمت بدلڻ لاءِ پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪريو ۽ انهن ماڻهن کي ووٽ ڏيو جيڪي ملڪ جي بهتري لاءِ ۽ تبديلي لاءِ ڪم ڪن، قوم جي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرو ۽ ووٽ جي حق جو درست استعمال ڪريو. ٽيسٽ اسپنر اقبال قاسم اپيل ڪئي آهي ته ٿوڙي دير آرام کي ڇڏي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو ۽ اهڙن اميدوارن کي اڳتي آڻيو جيڪي پاڪستان جي قسمت تبديل ڪن، توهان جو ووٽ ملڪ جي قسمت بدلائي سگهي ٿو. اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ چيو آهي ته پنهنجي ووٽ جو استعمال پاڪستان جي حق ۾ ڪريو ۽ پاڪستان کي مضبوط بڻايو. سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ شاهد آفريدي جي ڌيئرون به عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيو آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں