سچن ٽنڊولڪر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني جي حمايت ڪري ڇڏي

0Shares

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جي حمايت ڪري ڇڏي. ٽنڊولڪر چيو آهي ته ريٽائرمنٽ ڪڏهن وٺڻي آهي، ان جو اختيار پليئروٽ هئڻ گهرجي، ڌوني ڪافي عرصي کان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي کيس اها ڄاڻ آهي ته هن مان ٽيم کي ڪيتريون اميدون آهن ۽ هو پاڻ ڪٿي بيٺو آهي، انڪري بهتر اهو ئي آهي ته کيس پاڻ کي ئي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي.واضح رهي ته ڀارتي مداحن ڌوني کي انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ سست بيٽنگ ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن کان عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں