ادارا نٿا هلن سمجهه کان ٻاهر آهي ته ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي: چيف جسٽس

لاهور (بيورو) ريلويز ۾ خساري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار فارنزڪ آڊٽ رپورٽ تي ريلوي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته رپورٽ ۾ ڏنل تجويزن کي شايع ڪيو وڃي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چڻي وارو ڪٿي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي، ادارا نه ٿا هلن ته خبر ناهي ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي. ريلوي ۾ خساري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ ڪئي.  ٻڌڻي دوران آڊٽ آفيسر فارنزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته ريلوي جو خسارو 40 بلين آهي جنهن تي چيف جسٽس فارنزڪ آڊٽ رپورٽ تي ريلوي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چڻي وارو ڪٿي آهي، ايندڙ تاريخ تي پيش پوي، ادارا نه ٿا هلن ته ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي، رپورٽ ٺوڪي ۽ بنا ڪنهن خوف جي ڏيڻي هئي. چيف جسٽس آڊٽ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته ڇا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، جنهن تي آڊٽ آفيسر جواب ڏنو ته رپورٽ سٺي ناهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا پنجن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ خراب پيدا ٿي آهي. آفيسر چيو ته خرابي 70 سالن کان آهي، پنجن سالن دوران ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. عدالت حڪم ڏنو ته فارنزڪ آڊٽ رپورٽ ۾ ڏنل تجويزون شايع ڪيون وڃن.

اپنا تبصرہ بھیجیں