چونڊن دوران امن امان چئلينج آهي، اميدوارن ۽ اسان کي ڌمڪيون ملنديون: اليڪشن ڪميشن

0Shares

اسلام آباد  (بيورو)  اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب جو چوڻ آهي ته اليڪشن ۾ امن امان جي چيلينج موجود آهي ۽ اسان کي طرح طرح جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽرياليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته اڄ ووٽر جو ٽرن آئوٽ پهريان کان وڌيڪ هوندو، ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي اڃان به امن امان جو چيلينج آهي، اسان کي طرح طرح جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن پر سڀاڻي جي اليڪشڻ تي امن ڏسڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته پولنگ جو وقت صبح 8 کان شام 6 وڳي تائين آهي ۽ 7 بجي کان پهريان نتيجن جو اعلان نه ٿو ڪري سگهجي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته لاهور ۾ ملندڙ سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم آهي پر ان واقعي جي جاچ ٿيندي ۽ حقيقتون سامهون آڻينداسين.  ٻئي طرف  چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا چيو آهي ته 25 جولاءِ تي گهرن کان نڪرو ۽ ووٽ جو صحيح استعمال ڪري قومي ذميواري نڀايو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ عوام کي گهرن کان نڪري ووٽ جي صحيح استعمال جي قومي ذميواري نڀائڻ جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻي، منصفاڻي ۽ غير جابندار چونڊ ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں