اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف شيخ رشيد ۽ پ پ جون درخواستون رد

0Shares

اسلام آباد (بيورو) پارٽي فنڊنگ جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. پارٽي فنڊنگ جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي وئي. عمران خان جي درخواست خارج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جي حڪم موجب اليڪسن ڪميشن پرڏيهي فنڊنگ جي جاچ لاءِ بااختيار آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪنهن فرد يا اداري بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو به اختيار رکي ٿي. عدالت چيو ته شيخ رشيد واڪ بدران وڙهي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 60 ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف پ پ جي اميدور مختار عباس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اين اي 60 ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پ پ اميدوار مختار عباس جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. لکت جواب ۾ جن بيلٽ پيپرز تي حنيف عباسي جو نالو شامل آهي اهي هاڻي استعمال ٿيڻ جي لائق نه آهن، هڪ ڏينهن ۾نوان بيلٽ پيپرز جي ڇپائي هاڻي ممڪن ناهي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 60 ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ خلاف پ پ اميدوار مختار عباس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں