ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس جنهن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ميجر (رٽائرڊ) اعظم سليمان، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ امجد جاويد سليمي ۽ بورڊ آف روينيو جو سينئر آفيسر اقبال دراني، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽري محمد هارون شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ميجر (رٽائرڊ) اعظم سليمان بريفنگ ڏيندي چيو ته نگران وڏي وزير جي هدايت تي هن انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ امجد جاويد سليمي ۽ بورڊ آف روينيو جو سينئر آفيسر اقبال دراني سان گڏجي سڀني ضلعن ۽ سمورن حساس ۽ ٻين پولنگ اسٽيشنن جا دورا ڪيا ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تحت سمورن ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ 5673 تمام حساس پولنگ اسٽيشن آهن جتي 20165 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته نگران ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اتي سي سي ٽي وي ڪئميرا پڻ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته گڏيل طور تي 21 هزار ڪئميرا پولنگ اسٽيشنن تي لڳايا ويا آهن، انهن جي چڪاس پڻ ڪئي وئي آهي ۽ اهي صحيح ريت ڪم ڪري رهيا آهن. عارضي طور تي قائم ڪيل 307 پولنگ اسٽيشنن بابت چيف سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته انهن ۾ موبائل واش روم، جنريٽرز، يو پي ايس، ايل اِي ڊي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. پولنگ اسٽيشنن تي پاڻيءَ جي سهولت جي گهٽتائي واري تاثر بابت هن چيو ته سمورن پولنگ اسٽيشنن تي پاڻي، ريفريشمينٽ ۽ ٻين سمورين سهولتن جا انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ اسٽاف ۽ اليڪشن مٽيريل جي ٽرانسپورٽ جا پڻ انتظام ڪيا ويا آهن. ڊويزنل ڪمشنرن ۽ سمورا ڊپٽي ڪمشنر صاف، شفاف ۽ آزادانه چونڊن واري عمل جي حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن. نگران وڏي وزير کي آءِ جي پوليس امجد جاويد سليميءَ شرپسندن جي حوالي سان نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪوبه چونڊن واري عمل کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته انهن خلاف زيرو ٽالرنس واري پاليسي آهي. پوليس هن وقت تائين 2185 وڳوڙ ڪندڙ گرفتار ڪيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سمورن پولنگ اسٽيشنن ۽ پولنگ اسٽاف ۽ کين سهڪاري اسٽاف کي بهترين سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ سڪيورٽيءَ جا اهي انتظام جيستائين اليڪشن عملو پنهنجي گهر تائين نه ٿو پهچي جاري رهندو. نگران وڏي وزير ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي سموري صوبي ۾ الرٽ رهن. هن چيو ته مونکي ان ڳالهه تي خوشي آهي ته اسان بهترين انتظام ڪيا آهن ۽ انشاءَ الله نئين حڪومت جي چونڊجڻ تائين سموار ڪم بهتر ٿيندا.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟