لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 125 مان هڪ هزار سڃاڻپ ڪارڊ هٿ

0Shares

لاهور (بيورو) لاهور جي اين اي 125 جي علائقي شفيق آباد۾ نالي مان هڪ هزار سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ڪيا ويا. لاهور جي اين اي 125 جي علائقي شفيق آباد جي يونين ڪائونسل 50 ۾ گندي نالي مان هڪ هزار سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن جيڪي ٽن ٿيلهن ۾ بند ڪري نالا ۾ وڌا ويا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ بند روڊ نالي مان هٿ ڪيا ويا جنهن جيڪي ضبط ڪيا ويا آهن ۽ ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف اين اي 125 جي تحريڪ انصاف اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته سڃاڻپ ڪارڊ لاڳاپيل علائقي جي رهواسين جا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ته نه ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نادرا جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ مدي خارج 2010ع کان اڳ جا آهن، انهن جي جاءِ تي نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں