ڪالاباغ ڊيم کي سازش تحت ٺهڻ نه ڏنو ويو، عدليه کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: چيف جسٽس

لاهور(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته الله ڪري چونڊن جي نتيجي ۾ هن ملڪ کي ايماندار وزيراعظم نصيب ٿئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس (ر) فخر النساءَ کوکر جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته مان توهان سان واعدو ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون ۽ وقت تي ٿينديون، قوم سان واعدو ڪيو هو ته جيستائين سپريم ڪورٽ آهي جمهوريت تي ڇيهو نه اچڻ ڏيندس، عدليا ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي کي قائم رکندي ۽ جمهوريت جو علم بلند رهندو. هن چيو ته اسان عملي طور ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جي اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدليا جي بدنامي پاڪستان لاءِ المناڪ ڏينهن هوندو ۽ جيڪڏهن اسان جو ادارو ڪمزور ٿي ويو ته ملڪ ڪمزور ٿي ويندو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي 15 ڏينهن جي ڪوشش سان ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي شروعات ٿي، اهي ڊيم ٺهڻ سان پاڪستان ۾ بهتري ايندي.  چيف جسٽس چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي سازش تحت ٺاهڻ نه ڏنو ويو. اسان عملي طور تي ماڻهن ي انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ۾ تڪبر نالي ڪابه شي ناهي، سپريم ڪورٽ جي هوندي جمهوريت تي لهس نه ايندو. طاقتور عدليا سان آئين ۽ جمهوريت قائم رهندي. هن چيو ته ملڪ ۾ طاقتور عدليا موجودآهي، پاڪستان خلاف ڪجهه به نه پيو ٿئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں