چونڊ مهم ختم، سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون، پاڪ فوج سيڪيورٽي انتظام سنڀالي ورتا

0Shares

اسلام آباد  (بيورو + مانيٽرنگ ڊيسڪ)  چونڊ مهم ختم، سڄي ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون، تياريون مڪمل،  سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو فيصلو انتظام پاڪ فوج حوالي. تفصيل موجب  اليڪشن ڪميشن جي شيڊول تحت چونڊ مهم ختم ٿي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون سڀاڻي ٿينديون.  عام چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته  چونڊن ۾ سيڪيورٽي انتظام پاڪ فوج حوالي ڪيا ويا آهن.  سڄي ملڪ ۾ پولنگ  اسٽيشنن تي بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان فوج جي نگراني ۾ پهچايو ويو آهي.  پاڪ فوج جا اهلڪار پولنگ اسٽيشن اندر ۽ ٻاهران سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.  فوجي اهلڪارضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙنکي موقعي تي سزائون ڏئي سگهندا، عام چونڊن لاءِ  پولنگ صبح جو اٺين وڳي  شروع ٿيندي ۽ بنا ڪنهن وقفي جي شام جو ڇهين وڳي تائين جاري رهندي.  سڄي ملڪ ۾ 85 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم  ڪيون ويون آهن. پولنگ جي ڏهاڙي هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن هدايت نامو جاري ڪندي چيو آهي ته پولنگ اسٽيشنن اندر  ڪريل بيلٽ پيپر ضايع سمجهيو ويندو. بيلٽ پيپر تي ڊبل اسٽيمپ  سبب ووٽ خارج سمجهيو ويندو.  ووٽ چئلينج ڪرڻ لاءِ اميدوار کي فيس ادا ڪرڻي پوندي جيڪا پرزائيڊنگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻي پوندي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي ميڊيا کي هدايت ڪئي آهي ته چونڊن دوران ڪنهن به واقعي يا حادثي جي صورت ۾ لائيو ڪوريج کان پاسو ڪيو وڃي. پيمرا طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن دوران هنگامي صورتحال ۾ ميڊيا ذميواري جو مظاهرو ڪري ۽ عوام کي ووٽ وجهڻ جي طريقي ڪار بابت ڄاڻ فراهم ڪري. ميڊيا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جاري ڪيل قاعدن ۽ ضابطن تي عمل يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ 20 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عورت عملي کي چونڊ رات پولنگ اسٽيشن تي گذارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ اي سي پي هدايت جاري ڪئي ته عورت عملو به چونڊ رات پولنگ اسٽيشن تي گذاريندو. سوشل ميڊيا تي معاملو اٿڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نئون هدايت نامو جاري ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب عورت پريزائڊنگ آفيسر ۽ ٻئي عورت عملي جو پولنگ اسٽيشن تي رات گذارڻ لازمي ناهي. اليڪشن ڪميشن خبردار ڪيو آهي ته عورتن کي زبردستي روڪڻ جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي. عورتن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي 25 جولاءِ جي صبح 6 وڳي تائين پولنگ اسٽيشن تي پهچي وڃن.  آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جي مقرر مڪمل ٿي چڪي آهي. فوجي اهلڪار شفاف چونڊنلاءِ اليڪشن عملي جي مدد ڪندا. پرامن ماحول ۾ چونڊن کي يقيني بڻايو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں