جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ سدائين هڪ ٻئي خلاف پر لاڙڪاڻي ۾ بيٽ ڊيزل تي پئي هلي: بلاول

0Shares

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽيِءَ جا اميدوار،عهديدار توڙي ڪارڪن ڪنهن جي فون ڪال کان نه ٿا ڊڄن نه ئي ڪنهن جي دٻاءَ ۾ ايندا.هر ڀيري ڪٺ پتلي اتحاد پيپلز پارٽيءَ جي خلاف ئي بيهاريا ويندا آهن ۽ ڪٽ پتلي سياستدان ڪٽ پتلي اتحاد جوڙي ڪٽ پتلي حڪومت ٺاهي ڪنهن ٻئي جي حڪم تي هلندا آهن ۽ ڪم به عوام بدران ڪنهن ٻئي جا ڪندا آهن. جيڪا سازش پچي رهي آهي عوام انهن سازشن کان واقف آهي جنهن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو. اهڙن خيالن جواظهار هن لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي سندس استقبال لاءِ آيل هزارين ڪارڪنن کي باقراڻي روڊ سيال چوڪ وٽ خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جواب ڏيڻ اسان کي به ايندو آهي پر گار گند جي سياست تي يقين نه ٿو رکان اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي جتي مولوي گاريون ڏئي رهيو آهي اهڙي سياست لاڙڪاڻي وارن کي قبول ناهي. هن چيو ته اهو سڀ ڄاڻن ٿا ته هڪٻئي جا مخالف عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان هڪٻئي جي باري ۾ ڇا چوندا آهن پر هتي پيپلز پارٽيءَ جي خلاف هڪ آهن ۽ لاڙڪاڻي ۾ بيٽ به ڊيزل تي ٿي هلي . هن چيو ته عوام ضياءُالحق، پرويزمشرف جي آمريت، انتهاپسندي، دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ان لاءِ اهي ڪٽ پتلي اتحاد عوام جي سامهون ڪا به شئي ناهن. هن چيو ته اهڙي قسم جي جعلي ڪٽ پتلي اتحادن کي پهريان به شڪست ڏني آهي هاڻي به شڪست ڏينداسين. پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪندي آهي. هن چيو ته اسين نظرياتي، اصولن ۽ خدمت جي سياست تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي جدوجهد ڪنهن سياسي جماعت يا ڪنهن سياستدان جي خلاف  نه آهي اسان جو مقابلو ڪنهن ٻئي سان نه پر پسماندگي، محرومين، بي روزگاري، نفرت، ظلم ۽ مسئلن سان آهي. هن چيوته پيپلز پارٽي ئي واحد جماعت آهي جيڪا بي روزگاريءَ جو مقابلو ڪندي آهي ۽ روزگار ڏيڻ تي يقين رکي ٿي. پيپلز پارٽي عوام جي طاقت سان وفاقي حڪومت به ٺاهيندي ۽ نوجوانن کي شهيد ڀٽو ۽ بي بي شهيد جي حڪومتن وانگر روزگار ڏيندي اميد آهي ته عوام مون کي مايوس نه ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پنهنجي پهرين چونڊ مهم لاءِ نڪتو آهيان ۽ ذميداري به کڻي رهيو آهيان ۽ ڏنڊو به کڻي رهيو آهيان ان ڪري پارٽيءَ جي اميدوارن ۽ عهديدارن کي مون کي جواب ڏيڻو پوندو جيڪڏهن هو عوام جا ڪم نه ڪندا ته انهن جو بندوبست مان ڪندس. هن چيو ته جي ڊي اي وارا پاڻ چئي رهيا آهن ته هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بند ڪندا ڇا عوام کين غريب عورتن جا پئسا بند ڪرڻ ڏيندا.؟ هن چيو ته اهي چون ٿا ته هو سنڌ بچائيندا پر هي سنڌ ٽوڙڻ وارن سان ملي ويا آهن ۽ هي چون ٿا ته هو ڪرپشن جي خلاف آهن پر ڪرپشن تي ڪڍيو ويندڙ هڪ اڳوڻي وڏي وزير سان اتحاد ڪن ٿا اها سياست نه پر منافقت آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 25 تاريخ تي تير تي ٺپو هڻي شھيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي کي ڪامياب ڪريو جيئن مان اوھان جي خدمت ڪري سگھان، اسان پنھنجي اڳوڻي حڪومتن ۾ به اوھان جي خدمت ڪئي ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، مخالف شھيد بيبي جي ساٿين کان ڊنل آهن، جيڪي سدائين اتحاد ٺاھي اسان خلاف سازشون ڪندا آهن، پر عوام جي طاقت سان کين سدائين شڪست ملي اٿن، نصيرآباد باء پاس تي استقبال لاءِ آيل ھزارين ماڻھن جي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته 25 تاريخ تي پ پ پ جي نامزد اميدوارن کي تير تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪريو، پ پ جي ڪاميابي اوھان جي پنھنجي ڪاميابي آهي، اوھان جي طاقت سان اسان کي نظام بدلائڻو آهي، شھيد بينظير ڀٽو جي واعدي جي تڪميل ڪرڻي آهي، مان پھريون دفعو اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي، اوھان جو پيار ۽ محبت ڏسي خوشي ٿي آهي، مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوھان منھنجو شاندار استقبال ڪري محبت ڏني آهي، منھنجو به جيئڻ ۽ مرڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو وانگر عوام سان گڏ آھي. پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين قومي اسيمبلي اين اي 200 لاڙڪاڻو رتوديرو اميدوار بلاول ڀٽو سوين گاڏين جي صورت ۾ رتوديرو پهتو جتي گزارين جيالن پنهنجي قائد جو شاندار استقبال  ڪندي ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي، ان موقعي تي عوام کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد ٿو ڪيان ته پ پ کي رتوديرو ۾ هميشه جيان سئو پرسنڊ ووٽ ڏنو ويندو، اين اي 200 تي مان بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ايس 10 تي فريال ٽالپر کي ڪامياب ڪيو، پ پ عوامي پارٽي آھي انشاءُ الله 25 تاريخ تي بلا ولا جي ڊي وي ڊي نهي چليگا تير چلي گا تير چليگا، پاڪستاب پيپلزپارٽي اوهان کي روگار خوشحالي ۽ امن فراهم ڪندو، قمبر ۽ شهدادڪوٽ ۾ وڏن ميڙاڪن کي خطاب  پ پ عوامي پارٽي آهي جيڪا نظرياتي سياست ڪري ٿي جنهن خلاف اليڪشن ۾ اڳ به ڪيترا ئي اتحاد ٺهندا رهيا آهن .پر عوامي طاقت اهڙن هٿرادو اتحادن کي لوڙهي پ پ کي ڪامياب ڪرايو آهي،  پ پ جو مقابلو ڪنهن سياسي پارٽي  سان نه پر انتها پسندي،  بيروزگاري ۽ جهالت سان آهي .شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي اليڪشن مهم جي سلسلي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  هو  ڪراچي کان ٿيندي  اڄ شهدادڪوٽ پنهنجي گهر ۾ آيو آهي. جتي عوام جي شاندار اسقبال انهن قوتن کي پيغام ڏنو آهي جيڪي چون ٿا ته پ پ هاڻ ختم ٿي چڪي آهي هن چيو ته  ڀٽو اڳ به  زنده هو ، اڄ به   ۽ هميشه زنده رهندو . پ پ اڳ به وفاق جي پارٽي هئي ۽ هاڻي به وفاق جي علامت صرف پ پ ئي آهي. سندس چوڻ هو ته هر هنڌ وڃي عوام کي منشور ۽ نظريو ٻڌائي رهيو آهيان، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پ پ جو منشور اڳ به انقلابي ۽ عوام دوست رهيو آهي جنهن تحت غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ  بينظير ڪارڊ جاري ڪري لکين خاندانن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي ان ۾ فوڊ پروگرام شامل ڪري غريبن کي فوڊ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ، هن چيو ته . غربت جي خاتمي لاءِ  ننڍي سطح تي قرض ڏيڻ سميت هارين جي خوشحالي لاء پاليسي جوڙي فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي ته جيئن ڪنهن آفت دوران فصل متاثر ٿيڻ  تي سندس سرڪاري سهائتا  ٿي سگهي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ هو ته  اسين عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا شهيد بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشين کي جاري رکڻ ۽ پاڪستان بچائڻ لاء نڪتا آهيون شهيد بينظير ڀٽو جو منشور به پاڪستان بچائڻ هو جنهن لاء عوام اسان جو ساٿ ڏي سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نقشِ  قدم تي هلندي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو تنهن ڪري 25 جولا تي عوام پ پ اميدوارن کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري هن چيو ته شهدادڪوٽ ڀٽو خاندان جو اباڻو  چونڊ تڪ آهي جتان هن ڀيري شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي وفادار ساٿي آفتاب شعبان ميراڻي آهي اميدوار  آهي جنهن جي هو ضمانت ڏئي ٿو ته چونڊجي عوام ڀرپور خدمت ڪندو،  پ پ چيئرمين جو ڳڙهي خيري ۾ به شاندار استقبال ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں