آمريڪي ڊالر 131 رپين جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (چيف رپورٽر) اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 131 روپين جي نئين سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويو آهي.گذريل ڪجهه مهينن جي دوران روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي بي قدري جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر هر روز نئين سڀ کان مٿانهين سطح تي ڏٺو پيو وڃي. سومر جي ڏينهن به اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 30 پئسن جي واڌ ڏٺي وئي. جنهن کانپوءِ روپئيجي قدر جي مقابلي ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جي قدر 131 روپيا ٿي وئي آهي. ياد رهي ته آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني ڪرنسي مسلسل دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ گذريل 6 مهينن جي دوران روپئي جي قدر ۾ 20 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. ٻئي طرف  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتي جي پهرين ڏينهن ناڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ انڊيڪس 757 پوائنٽن جي گهٽتائي تي بند ٿيو. ملڪ ۾ چونڊن جي ماحول جو اثر ڪاروبار تي به پئجي رهيو آهي ۽ چونڊن کان اڳ سيڙپڪار غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آهن. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ئي ناڪاري رجحان ڏٺو ويو. ڪاروبار جي شڙوعات تي هنڊرڊ انڊيڪس ۾ 572 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏٺي وئي، جنهن سان انڊيڪس 40 هزار 678 تي رڪارڊ ڪيو ويو. ڏسندي ئي ڏسندي انڊيڪس ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي ۽ ٽريڊنگ دوران هنڊرڊ انڊيڪس 721 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 500 جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار دوران انڊيڪس وڌ کان وڌ 41 هزار 221 ۽ گهٽ کان گهٽ 40 هزار 418 جي سطح تي ويو. ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊرڊ انڊيڪس 757 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 463 تي بند ٿيو.5

اپنا تبصرہ بھیجیں