راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڊاڪٽرن جي سفارش باوجود اسپتال منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پمز اسپتال جي ماهرن تي ٻڌل چار رڪني ميڊيڪل بورڊ اڊيالا جيل ۾ نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو. پمز اسپتال اسلام آباد جي ماهرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو آهي. ميڊيڪل بورڊ ۾ پمز اسپتال جي ڪارڊيالوجسٽ ڊاڪٽر نعيم ملڪ ۽ ميڊيڪل اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شجيع سميت ڊاڪٽر سهيل تنوير ۽ گيسٽرولجسٽ ڊاڪٽر مشهود شامل آهن. ميڊيڪل بورڊ کي جيل ڪالوني گيٽ مان اندر موڪليو ويو جڏهن ته ان کان اڳ نواز شريف کي سندس سيل مان جيل اسپتال منتقل ڪيو ويو. نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ آءِ جي جيل لاهور کي موڪلي ويندي. ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جي روشني ۾ نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ميڊيڪل بورڊ پاران جوڙيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهڻي پگهر سبب نواز شريف جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جڏهن ته گرمي ۽ ننڊ ۾ گهٽتائي به سندس صحت کي متاثر ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب گردا فيل ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته کيس دل جو مرض وڌي سگهي ٿو. ميڊيڪل بورڊ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي نواز شريف کي راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو وڃي. ذريعن موجب نواز شريف ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ باوجود اسپتال منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هوڏانهن آءِ جي جيل جي درخواست تي نواز شريف جي علاج لاءِ 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ به جوڙيو ويو. دستاويزن موجب نواز شريف جو علاج ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي انچارج ڊاڪٽر اعجاز قدير آهي جڏهن ته ڊاڪٽر شجيع صديقي، ڊاڪٽر نعيم ملڪ، ڊاڪٽر سهيل تنوير ۽ ڊاڪٽر مشهود به ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر آهن. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبي معائني سيل مان ڪڍي جيل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي پمز اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم معائنو ڪيو.5c
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟