نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي گهرن کي سب جيل قرار ڏيڻ جي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

0Shares

لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. وطن پارٽي جي سربراهه بئريسٽر ظفر الله نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گهرن کي سب جيل قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي، نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي،تنهن ڪري قانوني طور تي سندس گهر کي سب جيل قرار ڏئي سگهجي ٿو. عدالت کي درخواست آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں