اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن خلاف عمران خان جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ننڍي چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي جاري نوٽيس بحال ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ننڍي چونڊ دوران لاهور، ساهيوا لوڌران ۾ جلسا ڪرڻ تي نوٽيس موڪليو ويو. عمران خان نوٽيس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطوڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 26 اپريل 2018ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جسٽس عامر فاروق فيصلو لکيو. عمران خان طرفان بابر اعواڻ جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس بحال ڪيو ويو آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں