پ پ جي حڪومت 10 سالن تائين سنڌ جي ماڻهن کي لٽيو: ارباب رحيم

ڪلوئي (ن هه) ڪلوئي ۾ جي ڊي اي طرفان سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. 10 سال ماڻهن وڏو ڀوڳيو آهي هٿرادو پاڻي بند ڪمند جا اگھه ڪيرايا ويا، ارباب لطف اللهکي گھرجي ها ته هن ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏئي ها پر هو دشمنن سان گڏجي ويو ارباب لطف الله وچئي تي روزو ٽوڙيو آهي، مون اڳ به ڪلوئي واسين جا بجلي ۽ روڊن جا ڪم ڪيا آهن جيڪڏهن اوهان موقعو ڏنو ته ڪلوئي شهر ۾ سوئي گيس پڻ لڳرائي ويندي ؛ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم خبر موجب ڪلوئي ۾ جي ڊي اي جو سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي جي ڊي اي طرفان ريلي ارباب فيض محمد هائوس ڀٽارو فارم کان ڪڍي ڪلوئي شهر پهتي جتي جلسي جي صورتحال اختيار ڪري وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوڻي وڏي وزير جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته 10 سالن تائين پ پ جي حڪومت ماڻهن کي لٽيو آهي هتي جي ماڻهن گهڻو ڀوڳيو آهي سنڌ جو پاڻي هٿرادو بند ڪرائي ڪمند جا اگھه ڪيرائي سنڌين کي وڏو نقصان ڏنو ويو آهي هن دعوي ڪندي چيو ته ڪلوئي ۾ ٽيلفون ايڪسينج ، بجلي ، صاف پيئڻ جو پاڻي ، پرائمري اسڪول ، هاءِ اسڪول ۽ روڊن رستن تائين سڀ ڪم منهجا ڪرايل آهن نتيجو توهان جي سامهون آهي جيئن پ پ جي حڪومت ختم ٿي آهي ۽ نگران حڪومت آئي آهي ته رڻ شاخ ۾ پاڻي پڻ اچي ويو آهي ۽ منهجي سياست سنڌ ليول جي آهي هي منهجي آخري اليڪشن آهي  جيڪڏهن هن دفعي هتي جي عوام موقعو ڏنو ته ڪلوئي ۾ سوئي گيس سميت ٻيون سهولتون آئون ڏيندس ،پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙ سندس ڀائٽي ارباب لطف الله جي باري ۾ هن ڳالهيندي چيو ته ارباب لطف الله کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو هن ڏکئي ٽائيم ۾ منهجو ساٿ ڇڏيو آهي اسان 10 سال مخالفت برداشت ڪئي ۽ گهڻو ڪجھه ڀوڳيو آهي ارباب لطف الله وچين تي اچي روزو ٽوڙيو آهي جيڪڏهن اوهان ارباب لطف الله کي ووٽ ڏيندا ته اهو توهان جو ووٽ اڻ سڌي طريقي سان پ پ کي نه زرداري ليگ کي ملندو.5

اپنا تبصرہ بھیجیں