راولپنڊي جي اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست رد

راولپنڊي (م ڊ) قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي درخواست لاهو هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ رد ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس مجاهد مستقيم اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو. فيصلي کانپوءِ شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ چيو ته ان خلاف اسان اڄ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته چونڊ جي حوالي سان اسان جي تياري مڪمل آهي. واضح رهي ته راولپنڊي جي تڪ اين اي 60 تان ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ شيخ رشيد ۾ مقابلو ٿيڻو هو پر ايفيڊرين ڪيس ۾ عدالت حنيف عباسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ان تڪ ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن کي شيخ رشيد لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ چئلينج ڪيو هو. اين اي 60 تي اميدوار شيخ رشيد سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ جي ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ته اميدوار کي سزا ٿيڻ تي اليڪشن ملتوي نه ٿي ٿي سگهي. درخواست ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن اميدوار کي عدالت مان سزا ٿيڻ جو نقصان ووٽر ڇو ڀوڳين. درخواست ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي تڪن جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته انهن کي سزا ٿيڻ تي انهن جي تڪن جي اليڪشن ملتوي نه ٿي ته حنيف عباسي جي تڪ جي اليڪشن ڇو ملتوي ڪئي وئي. شيخ رشيد طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو.5

اپنا تبصرہ بھیجیں