ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها 29 سالن کانپوءِ ٻيهر گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) ماضي جا عظيم اداڪار ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها 29 ورهين بعد گڏ فلم” يملا پگلا ديوانا ڦرسي“ ۾ نظر ايندا. ڌرميندر ۽ شتتروگن سنها ماضي ۾ ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جن ۾  دوست، بليڪ ميل، تيسري آنک ۽ 1989 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم شهزادي شامل آهن. ٻنهي اداڪارن هاڻ 29 ورهين بعد فلم”يملا پگلا ديوانا سريز جي ٽئين فلم ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم ۾ سوناڪشي سنها ۽ سندس والد شتتروگن سنها جي گيت ۾ گڏ پرفارم ڪرڻ جو خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر هاڻ فلم ۾ سندن ڪردار کي وڌايو ويو آهي ۽ هاڻ هو جج جي روپ ۾ نظر ايندو. ڌرميندر، سني ديول ۽ بوبي ديول جي فلم” يملا پگلا ديوانا ڦرسي“ سلمان خان به مختصر ڪردار ادا ڪندو. فلم جو ٽيزر ريليز ڪيو ويو آهي، جنهن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ فلم 31 آگسٽ تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں