ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) رنگنا هيراٿ جي تباهه ڪن بالنگ سبب سريلنڪا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ عالمي نمبر 2 ڏکڻ آفريڪا کي 199 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئپ مڪمل ڪري ورتي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 338 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر بدترين ناڪامي جو شڪار ٿي ۽ پوري ٽيم صرف 124 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پر سريلنڪا فالو آن ڪرائڻ بدران پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻي اننگز 275 رنسن تي 5 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ٽيم ڊڪليئر ڪري ڏکڻ آفريڪا کي فتح لاءِ 490 رنسن جو مشڪل هدف ڏنو پر ٻي اننگز ۾ به مهمان ٽيم 113 رنسن تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي وئي سومر تي ميچ جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا 139 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ تان نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته ٿيونس ڊي برون ۽ ٽيمبا باووما وڪيٽ تي موجود هئا. ٻنهي رانديگر بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڇهين وڪيٽ لاءِ 123 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر مانيءَ جي وقفي کان ڪجهه دير پٿهريان هيراٿ پنهنجي ٽيم کي اهم ڪاميابي ڏياريندي 63 رنسون ٺاهيندڙ باووما کي پويلين جي راهه ڏيکاري. ڏکڻ آفريڪا کي جلد ئي هڪ ٻيو وڏو ڌچڪو لڳو ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ وڪيٽن اڳيان پيڊ آڻڻ جي ڪوشش ۾ هيراٿ جو شڪار ٿي ويو. ڊي برون ٻي اينڊ تان جدوجهد جاري رکي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين سينجري مڪمل ڪئي پر سينچري جي پوري ٿيڻ کان فورن بعد هيراٿ هن کي به آئوٽ ڪري ڇڏيو. هن آئوٽ ٿيڻ کان اڳ 101 رنسون ٺاهيون. ان کانپوءِ سريلنڪا کي فتح لاءِ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پيو ۽ هيراٿ 290 جي گڏيل اسڪور تي ڊيل اسٽين جي وڪيٽ حاصل ڪري پنهنجي ٽيم کي ميچ ۾ 199 رنسن تان فتح ڏياري ڇڏي هيراٿ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 98 رنسن عيوض 6 وڪيٽون حاصل ڪيو.. سريلنڪا ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 0-2 تان ڪلين سوئت مڪمل ڪري ڇڏي. دمٿ ڪرونارتني کي بهترين بيٽنگ تي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟