سڊني(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان اي اين چيپل به ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان ٽاس ختم ڪرڻ جي مخالف ڪري ڇڏي. اين اين چيپل چيو ته ڪرڪيٽ ايڊمنسٽريٽرن لاءِ سڀ کان اهم ڪم بيٽ ۽ بال جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ آهي ۽ هو ان ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهيا آهن، هاڻ ٽيون فارميٽ به پنهنجي جاءِ پڪي ڪري چڪو آهي ۽ انڪري ٽنهي فارميٽن واري راند ۾ توازن برقرار رکڻ جي سخت ضرورت آهي، کين پنهنجن رانديگرن کي ٽنهي فارميٽن لاءِ پنهنجي صلاحتين کي بهترن بڻائڻ جي سهولت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته گال ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي هٿان ناڪام بعد ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان ٽاس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، سندس ان ڳالهه ۾ وزن تڏهن ٿئي ها جڏهن هو 126 ۽ 73 رنسن تي آئوٽ نه ٿيو هجي ها، جڏهن توهان خراب ڪرڪيٽ کيڏندا آهيو ته ان صورتحال ۾ پهريان بيٽنگ ڪرڻ يا بعد بيٽنگ ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي. هن وقت ميزبان ٽيم طرفان جهڙي طرح جون وڪيٽون تيار ڪيون پيون وڃن انهن جو جواب ٽاس ختم ڪرڻ ناهي، جيڪڏهن ڪو ڪپتان اهڙي شڪايت ڪندو آهي ته کيس پاڻ کي به ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سندن ميدان ۾ ڪنڊيشن هڪ جهڙي هجي هو هڪ مضبوط اٽيڪ جي چونڊ ڪري اهڙن بيٽسمينن کي ميدان تي لاهين جيڪي هر قسم جي ڪنڊيشن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ انهن جي ٽيڪنيڪ بهتر هجي. اي اين چيپل چيو ته جيڪڏهن موجودا دور ۾ ڪرڪيٽرن کي فرسٽ ڪلاس ليول تي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جي سهولت ناهي ته پوءِ انهن کي ٽيسٽ ليول تي مختلف ڪنڊيشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ تمام گهڻي مشڪل پيش ايندي. اسان جي سامهون ورات ڪوهلي ۽ جوئي روٽ جي مثال موجود آهي جيڪي پنهنجي صلاحيتون ڏيکارڻ تمام گهڻي ڊگهي فارميٽ واري راند کيڏندا آهن، هاڻ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته جنهن انگ ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏي پئي وڃي ۽ جنهن نموني تيزي سان مختصر فارميٽ جون ليگون سامهون اچي رهيو آهن اهڙي صورتحال ۾ رانديگرن کي فرسٽ ڪلاس ليول تي پنهنجون صلاحيتن کي بهترن ڪرڻ جو موقعو ملي به سگهندو يا نه.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟