اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن چونڊن جي شفافيت تي خدشن جو اظهار ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي استعيفيٰ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. نجي سينيٽ اجلاس ۾ ن ليگ ۽ پ پ پ جي سينيٽرن اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. رضا رباني خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ن ليگ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، چونڊون شفاف ڪيئن ٿينديون؟ فوجي جوانن کي پولنگ اسٽيشن اندر ڇو مقرر ڪيو پيو وڃي؟ جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. رضا رباني چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اهو نظر نه پيو اچي ته 2 وڏين پارٽين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، اميدوارن کي سڏايو پيو وڃي ته چونڊ مهم ڇڏي نيب آفيس اچي ويهو، ڪجهه اخبارن کي مخصوص علائقن ۾ نه پيو ورهايو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي اهو سڀ ڪجهه نظر نه پيو اچي؟ پاڪستاني قوم اليڪشن ڪميشن کان جواب ٿي گهري، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن آئيني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، شاهد خاقان عباسي جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ به پٿراءُ ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن ائين خاموش ويهي رهي آهي جيئن کيس ڪجهه نظر نه پيو اچي. رضا رباني چيو ته اليڪشن ڪميشن بينڪ عملي کي ڪهڙي بنياد تي پولنگ اسٽاف طور مقرر ڪيو آهي، هٿياربند فوج کي سڏائڻ جو ضابطا اخلاق يا قاعدو قانون ڪهڙو آهي؟ اليڪشن ڪميشن پهريان چئي رهي هئي ته فوجي جوان پولنگ اسٽاف ٻاهريان ئي مقرر هوندا ته هاڻي انهن کي پولنگ اندر مقرر ڪرڻ واري فيصلي جو سبب ڇا آهي؟ ڪهڙي شق تحت اليڪشن ڪميشن پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ فورٿ شيڊول تي موجود ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي؟ اهي ماڻهو جن مٿان ڪيس آهن، انهن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ڪڏهن گهرايو؟ مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان چيو ته حالتون بهتر نظر نه پيون اچن، چونڊون ۽ ملڪ ٻه واٽي تي ٻيٺل آهن، توهان هٿياربند تنظيمن کي مين اسٽريم ۾ آڻي پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيا آهيو، جڏهن اهي ماڻهو ايوان ۾ آيا ته هتي ڪهڙو بحث ڪندا؟ پابندي مڙهيل تنظيمون ايوان ۾ اچي ويون ته اهي ماڻهو مين اسٽريم ۾ اچي ويندا، جيڪڏهن اهي ماڻهو هتي اچي ويا ته پوءِ هتي ڪنهن کي ساهه کڻڻ جي اجازت هوندي؟ پنجاب جي نگران گهرو وزير کي ترت استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.ن ليگ سينيٽر پرويز رشيد چيو ته نگران حڪومت جواب ڏي ته ڪنهن سان لاڏلي ۽ ڪنهن سان ماٽيلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ڪالهه ئي احتساب عدالت عمران خان کي هيليڪاپٽر ڪيس ۾ ڇوٽ ڏني، جيڪڏهن لاڏلي کي ڇوٽ ملي سگهي ٿي ته حنيف عباسي کي ڇو نٿي ملي سگهي؟ پنجاب جي نگران وڏي وزير ڀارتي اخبار ۾ اڳڪٿي ڪئي ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جون سيٽون وڌي وينديون، حسن عسڪري کي ان تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. راجا ظفر الحق چيو ته نگران حڪومت چونڊن ۾ ڌر آهي ۽ خاص نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟