مرضيءَ جي فيصلن عيوض سيپٽمبر ۾ چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي: جسٽس شوڪت صديقي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته آءِ ايس آءِ جا ماڻهو مختلف هنڌن تي پهچي پنهنجي مرضيءَ جي بئنچ ٺاهيندا آهن، مون کي چيو ويو ته جيڪڏهن توهان مرضيءَ جا فيصلا ڪندا ته توهان جا ريفرنس ختم ڪرائي ڇڏينداسين ۽ نومبر کان اڳ ئي توهان کي سيپٽمبر ۾ چيف جسٽس بڻائي ڇڏينداسين، مان چيو ته پنهنجي ضمير کي گروي رکڻ کان بهتر آهي ته مان مري وڃان. راولپنڊي بار کي خطاب ڪندي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته جهڙي نموني ملڪ جي قسمت سان هٿ چراند ٿي رهي آهي، اها ڳالهه ڪريان ٿو جيڪا منهنجي ذات سان پيش آئي آهي. هن چيو ته الله، توهان سڀني کي ۽ پنهنجي ماءُ کي شاهد ڪري اها ڳالهه چئي رهيو آهيان، مون کي خبر ناهي ته اڄ کانپوءِ ڇا ٿيندو پر مان اها ڳالهه چئي رهيو آهيان ته اڄوڪي دور ۾ آءِ ايس آءِ مڪمل طور عدالتي ٻڌڻين کي مينو پليٽ ڪرڻ ۾ ملوث آهي، آءِ ايس آءِ جا ماڻهو مختلف هنڌن تي پهچي پنهنجي مرضيءَ جي بئنچ ٺهرائيندا آهن، ڪيسن جي مارڪيٽنگ ٿيندي آهي، مان پنهنجي هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ڪريان ٿو، آءِ ايس آءِ وارن منهنجي چيف جسٽس کي اپروچ ڪري چيو ته توهان نواز شريف ۽ مريم نواز کي اليڪشن تائين ٻاهر نه اچڻ ڏجو، شوڪت عزيز کي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو، منهنجي چيف جسٽس چيو ته جنهن بئنچ ۾ توهان ايزي آهيو اها ٺاهي ڏينداسين. هن چيو ته مون کي چيو ويو ته فيصلا اسان جي مرضي سان ڪندا ته توهان جا ريفرنس ختم ڪرائي ڇڏينداسين. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته مان جواب ڏنو ته پنهنجي ضمير کي گروي رکڻ کان بهتر آهي ته مان مري وڃان. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن ذريعي ڪير پيغام کڻي ويندو آهي، مون کي خبر آهي ته احتساب عدالت جي روزاني ڪارروائي ڪيتري تائين ڪرائي ويندي آهي، مون کي خبر آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو احتساب عدالتن تي ڪنٽرول ڇو ختم ڪرايو ويو، مان توهان سان اهي ڳالهيون پنهنجي جان تي کيڏي تنهن ڪري ڪيون ته مون کي جان جي پرواهه ناهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں