اڪيلي نواز شريف جو احتساب ٻٽو معيار آهي، زرداري ٽولي کي به جيل اماڻيو وڃي: ارباب رحيم

مٺي (رپورٽ: ساحل ٻالاڻي) مٺي ۾ جي ڊي اي هزارين ماڻھن جو جلسو ڪوٺائي وڏي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو. مٺي جي هاءُ اسڪول گرائونڊ تي ڪوٺايل جلسي ۾ ارباب غلام رحيم. ڊاڪٽر ذولفقار مرزا. پير مجدد سرهندي. ارباب ذڪاءُ الله. ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي. عبدالرزاق راهمون. لال مالهي. خليفو فقير سلطان راڄڙ. محبوب ابڙو سميت هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.  جلسي کي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا خطاب ڪندي چيو ته هي چونڊ مقابلو بهادرن جو بزدلن سان آھي. زرداري ليگ وارا سنڌ جا قاتل ۽ سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ مجرم آھن. غيرت مند سنڌين کي سنڌ ماءُ پڪاري پئي ته اٿئو ته منهنجي عزت جي حفاظت ڪيو. اسان سنڌ امڙ جي حفاظت لاءُ زرداري ليگ جي مقابلي ۾ لٿا آھيون. عوام اسانجو ساٿ نه ڏنو ته سنڌ امڙ نيلام ٿي ويندي. زرداري ليگ ٺيڪيدارن ۽ منافعي خورن جو ٽولو آھي.  آئون غيرت مند ڌرتي جو حلالي پٽ آھيان. مونکي غيرت ۽ ايمان جي مڳي آھي ۽ آئون طاقتور آھيان. ڪنهن کان نه ٿو ڊڄان. هن چيو ته زرداري اينٽ سي اينٽ بجا دون گا جو نعرو هڻي زرداري بعد شلوار خراب ڪري ڇڏي ۽ ملڪ مان ئي ڀڄي ويو هو ۽ وري معاملا بهتر ٿيڻ بعد واپس آيو. هن چيو ته زرداري سان گڏ بيٺل سڀ ڀولڙا آھن.  هن چيو ته ٿر ۽ بدين ضلعن ۾ ارباب غلام رحيم جي وڏوزارت دوران ارباب خاندان جي بدنامي جو سبب ارباب لطف الله آھي. جيڪو ماڻھو ٽڪي ۾ وڪرو ٿي پنهنجي پيءُ سان غداري ڪئي آھي انکي ڪهڙو نالو ڏيون. هن چيو ته ارباب لطف الله ٿر جي ضمير کي چند ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪيو. هن چيو ته ٿري عوام کي ارباب غلام رحيم جهڙي ايماندار سياستدان جو قدر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ارباب غلام رحيم ۾هڪڙي خامي نظر آئي ته هو مون وانگر چريو آھي. پر چريو ڪڏھن ڪوڙ نٿو لڳائي سگهي. هن انڪشاف ڪيو ته آئون گهرو وزير هوس ته اسان ارباب غلام رحيم جي احتساب شروع ڪرڻ لاءُ ساڊا 3 سال ڪوشش ڪئي ته خدا جو قسم کڻي چوان ٿو ته ارباب غلام رحيم خلاف هڪ پائي جي ڪرپشن جو ثبوت هٿ نه ڪري سگهياسين . هن چيو ته ارباب غلام رحيم ٿر ۾ روڊن جي ڄار وڇائڻ  جو هڪڙو ئي ڪم اهڙو ڪيو آھي جهڙو هزارين سالن تائين ڪير ٿر ۾ نٿو ڪري سگهي .  هن چيو ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آھي . تنهن ڪري آئون ڪنهنجي پيءُ کان نٿو ڊڄان. مون الطاف حسين کي چينلينج ڪيو ۽ هاڻي زرداري کي سوڙهو ڪيو آھي.  هن چيو ته  هن چيو ته بي نظير ڀٽو جي قتل جي پوئيواري  نه ڪرڻ ڪري اهو ڪيس سرد خاني هليو ويو. شھيد راڻي جي نالي تي حڪومت ۾ اچي زرداري ٽولي عياشيون ڪيون. جلسي کي  اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته  نواز شريف اڪيلي خلاف احتساب ٻٽو معيار آھي. ان کان وڌيڪ ڪرپشن زرداري ٽولي ڪئي آھي آئون احتساب ڪندڙ  ادارن کان مطالبو ڪريان ٿو ته زرداري ٽولي خلاف احتساب ڪري کين جيل اماڻيو وڃي. ٻئي صورت ۾ 25 جولاءُ کان پوءُ اقتدار ۾ اچي سندن کان پائي پائي جو حساب وٺنداسين.  هن چيو ته مٺي جي ٻن واپاري ڀائرن جي قتل جاسهولتڪار اقتدار ۾ ويٺل همراه هئا پر انهن سهولتڪارن کي بچايو ويو . اسانجي حڪومت هجي ها قاتلن ۽ سهولتڪارن کي ابتو ٽنگي مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪريون ها.  اڄوڪي جلسي ۾ هزارين ماڻھن جي سمنڊ ثابت ڪيو آھي ته عوام پ پ پ مان بيزار آھي. هن چيو ته اسان 10 سالن جي مخالف ڌر ويهي انتقامي ڪاررواين سبب عدالتن مان ضمانتون ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پيا آھيون.  هن چيو ته ٿر جي نالي تي63 اربن جي ڪرپشن ٿي آھي. جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ مقامي چونڊيل نمائندا ڀائيوار رهيا آھن پ پ پ جي ڪرپٽ حڪمراني جو راڄ ختم ٿي چڪو آھي.  هن چيو ته اسانجي دور ۾ ٺھرايل روڊن جي پ پ پ وارا مرمت ئي ناهن ڪرائي سگهيا  سڄي سنڌ جو عوام ڪرپٽ ٽولي مان تنگ آھي. هن چيو ته ٿر جي فنڊن مان عوام جي خدمت بدران ملاڻي محل ٺھرايا آھن. جن مان هڪ محل ملاڻي بلاول ڀٽو کي گفٽ ڪيو آھي. هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ ڪرپشن نه پر خدمت ڪئي. ذولفقار مرزا گواه آھي جنهن پ پ پ جي وزارت واري دور ۾ اعتراف ڪيو هو ته ارباب غلام رحيم خلاف ڪوبه ڪرپشن جو ڪيس هٿ نه ڪري سگهيا آھيون. وڌيڪ ذولفقار مرزا ان جي اڃان به وضاحت ڪري سگهي ٿو.  هن چيو ته ارباب لطف الله زرداري ڪئمپ جو حصو بنجي ارباب گروپ کان الڳ ٿيو آھي پر ارباب اميرحسن جا پوئلڳ اسانجي جلسي ۾ موجود آھن کيس واپس اچي ڪرپٽ ٽولي کي الوداع ڪري ڇڏي.  اڃان به وٽس واپسي جو موقعو آھي. جلسي کي پي ٽي آءُ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ نه پر زرداري ليگ سنڌ کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي.  ٿر جي اقليتي برادري کي هاڻي زرداري ليگ بدران جي ڊي اي کي ووٽ  ڏيڻون پوندو. هن چيو ته ٿري عوام جو تحفظ ارباب گروپ ۽ ان جا اتحادي ئي ڪري سگهن ٿا.  جلسي کي سرهندي جماعت جي اڳواڻ پير مجدد سرهندي خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ مهيش ملاڻي ۽ سندس ٽولي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي انھن کي شڪست ڏيئي دفن ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اسانجي جماعت ٿر اندر گذريل چونڊن ۾ پ پ پ جي حمايت ڪئي هئي.  پر پ پ پ وارن ٿر کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هٿ ڪڙيون لڳڻ واريون آھن. جلسي کي ارباب ذڪاءُ الله. ارباب فضل الله.  فقير سلطان راڄڙ. عبدالرزاق راهمون. فقير ارشاد ڪنڀر ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏھن ته جلسي ۾ ڪيترن ئي پ پ پ حامين جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جلسي ۾ ديوان چيتن مل آرواڻي قافلي جي صورت ۾ شرڪت ڪئي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں