اليڪشن 2018ع بيلٽ پيپرن جي ڇپائي پهچائڻ جو ڪم مڪمل، ووٽنگ جي طريقي جو اعلان

0Shares

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ پهچائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ ووٽنگ جو طريقو واضح ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن جي سلسلي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، عام چونڊن لاءِ 22 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن ۽ پهريون ڀيرو سڪيورٽي فيچرز تي ٻڌل بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب ڪي پي ۽ فاٽا لاءِ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز پرنٽنگ ڪارپوريشن اسلام آباد ۾ ڇاپيا ويا، بلوچستان، سنڌ، بهاولپور، ملتان، ڊيرا غازي خان، سرگوڌا ۽ ساهيوال ڊويزن لاءِ بيلٽ پيپرز ڪراچي ۾ ڇاپيا جنهن جو تعداد 10 ڪروڙ کان وڌيڪ هو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا لاءِ بيلٽ پيپرز اسلام آباد ۾ ڇاپيا ويا آهن جنهن جو تعداد 7 ڪروڙ هو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کانسواءِ چئني صوبن ۾ بيلٽ پيپرز پهچائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ به اڄ پهچائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي بيلٽ پيپر جو رنگ سائو ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ بيلٽ پيپر جو رنگ اڇو هوندو. اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته طريقيڪار ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ پولنگ آفيسر ووٽر جو اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪندو، پولنگ آفيسر سڃاڻپ ڪارڊ جي چيڪنگ بعد ووٽر لسٽ ۾ داخل نالو چيڪ ڪندو ۽ ووٽر جو نالو ۽ سلسلو نمبر پولنگ ايجنٽس لاءِ بلند آواز ۾ سڏيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب ووٽر جو سڌي لڪير ڪڍي لسٽ مان نالو ڪڍيو ويندو جنهن بعد ڪائونٽر فائلر تي ووٽر جي آڱوٺي جو نالو ورتو ويندو، پر آڱوٺي جي ننهن جي جوڙ تي اڻ مٽ مس جو نشان لڳايو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر بيلٽ پيپر جي پٺين پاسي تي صحيح ڪندو. صحيح وٺڻ بعد ووٽر کي سائي رنگ ۽ اڇي رنگ جو بيلٽ پيپر جاري ڪيو ويندو ۽ ووٽر ووٽنگ اسڪرين جي پويان وڃي پنهنجي پسنديده اميدوار جي چونڊ نشان تي ٺپو هڻندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جو سائو بيلٽ پيپر سائي ڍڪڻ واري جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جو اڇو بيلٽ پيپر اڇي ڍڪڻ واري باڪس ۾ وڌو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو عمل 25 جولاءِ تي صبح 8 وڳي شروع ٿيندو ۽ شام 6 وڳي ختم ٿيندو، پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد پولنگ اسٽيشن جو در بند ڪيو ويندو ۽ وقت ختم ٿيڻ تي پولنگ اسٽيشن جي اندر موجود ووٽرن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت هوندي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں