مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي مفرور جوابدار ڄاڻائي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي فراري جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو. ايف آءِ اي حسين لوائي ۽ ٻين جوابدارن خلاف خاص عدالت ۾ اربين روپين جي من لانڊرنگ ڪيس جو چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، چالان ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي فراري جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي نجي بينڪ جي چيئرمين سميت مجموعي طور تي 20 ماڻهن کي فراري قرار ڏنو آهي جن ۾ انور مجيد ۽ ان جي پٽ جو نالو به شامل آهي، فراري ماڻهن جي فهرست ۾ اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ جو نالو 19 ۽ 20 هين نمبر تي آهي. حسين لوائي آصف زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو اڳوڻو چيئرمين آهي ۽ ان سميت 20 جوابدارن تي 35 ارب مني لانڊرنگ جو الزام آهي. ايف آءِ اي موجب حسين لوائي ۽ ٻين جوابدارن 3 بينڪن جي 29 جعلي اڪائونٽن وسيلي 35 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں