گڏيل پارليامينٽ ٺهي ته ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي، پ پ ۽ ن ليگ سان اتحاد نه ڪنداسين: عمران خان

0Shares

 لاهور/بهاولپور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، بار بار وارو وٺندڙن ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو آهي، ملڪ ۾ ايندڙ اليڪشن انهن وارو وٺندڙن مان ڇوٽڪارو ماڻڻ جو سونهري موقعو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سان اتحاد بدران اسان اپوزيشن ۾ ويهڻ پسند ڪنداسين. هن چيو ته افسوس آهي جو ڊالر 60 رپين مان 130 رپين تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته اسان ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ پُرعزم آهيون ۽ جيڪڏهن اسان کي اڪثريت نه ملي ته اها ملڪ لاءِ وڏي بدقسمتي هوندي، ڇاڪاڻ ته اڪثريت ملڻ تي ئي اسان بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن الزام هڻندي چيو ته گذريل چونڊن ۾ افتخار چوڌري ۽ نجم سيٺي انهن سان مليل هئا پر گذريل ۽ موجوده چونڊن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، ٻئي وڏيون پارٽيون ڊنل آهن ۽ هن ڀيري اسان پوري تياريءَ سان الڪيشن ۾ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي ۽ جيڪو شعور هن ڀيري عوام ۾ آيو آهي اها پهريان ڪڏهن به نه هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪاميابي ڏسي ڪري اهو اڳ ئي گوڙ ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي اڪثريت ٿي ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪابه جماعت هجي پر پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ نٿا چاهيون. هن چيو ته پ پ سان اتحاد بدران اسان اپوزيشن ۾ ويهڻ پسند ڪنداسين. ٻئي پاسي بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ عام ماڻهو سان جيڪو ڪيو ويو اهو ڪير دشمن سان به ناهي ڪندو. هن چيو هڪ پاسي حڪمرانن جي ٻاهرن جي رهڻي ڪهڻي ڏسو ۽ ٻئي پاسي عوام جو وڏو انگ غربت جي ليڪي کان هيٺ رهي پيو ان ڪري جيڪو 25 جولاءِ تي ووٽ نه ڏيندو اهو خود غرضي جي زندگي گذاري رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪا حڪومت به ويندي آهي اها ٻه شيون ڇڏي ويندي آهي، هڪ خالي خزانو ۽ ٻيو مولانا فضل الرحمان. هن چيو ته هتي 90 سيڪڙو ٽيڪس عوام کان ورتو ويندو آهي پر عوام جو پيسو چوري ٿيڻ جي ڪري عوام تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي ۽ ملڪ تي مڙهيل قرض عوام کي پاڻ ادا ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته 10 سالن پهرين ڊالر 60 رپين جو هو جيڪو اڄ 130 رپين تائين پهچي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شريف خاندان ميٽرو مال بڻائڻ جي لاءِ بڻائي،  ملتان ميٽرو تي 60 ارب رپيا خرچ ٿيا پر اُتي خالي بسون هلنديون آهن. هن چيو ته جيڪي ادارن کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن اُهي ڪرپشن کي نٿا روڪي سگهن، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجن وارن ۾ ڪرپشن نه روڪي سگهيون ته هان ڇا ڪنديون. هن چيو ته اسان خيبرپختونخواهه ۾ پوليس جو کاتو ٺيڪ ڪيو، اڄ خيبرپختونخواهه جي پوليس ۾ ڪا به سياسي مداخلت ناهي، وعدو ٿو ڪيان ته پاڪستان کي قرضن جي دلدل مان ڪڍي ڏيکاريندس. عمران خان الزام هنيو ته ن ليگ 5 سالن ۾ هارين جو معاشي قتل ڪيو آهي پر اسان آبادگارن کي پيسا نه ڏيندڙ ملن کي بليڪ لسٽ ڪنداسين. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ڦرلٽ سبب ادارا تباهه ٿي ويا آهن، صوبو کنڊر ۽ گندگيءَ جو ڍير بڻجي چڪو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طرفان 22 جولاءِ تي مزار قائد تي جلسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته سنڌ جا ادارا تباهه ۽ برباد ڪيا ويا آهن، سنڌ جي وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي 75 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر ۾ 87 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. عمران خان چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جو عوام گهرن مان نڪري ۽ مزار قائد تي پهچي، 22 جولاءِ تي مزار قائد تي ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جو حل قوم کي ٻڌائيندس. 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں