قلات ۾ فورسز جو آپريشن، مستونگ ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هدايت الله مفتي مارجي ويو

0Shares

ڪوئيٽا  (بيورو)  دهشتگردن جي خلاف پاڪ فوج پاران بروقت ڪارروائي ڪئي جنهن  جي نتيجي ۾ مستونگ  ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ  هدايت الله عرف مفتي پنهنجي انجام تي پهچي ويو.  تفصيل موجب  سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي قلات ۾ وڳوڙِن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران مقابلي ۾ هدايت الله عرف مفتي کي ماريو ويو. حساس ادارا ڪافي عرصي  کان خطرناڪ دهشتگردن جي ڳولا ۾ هئا، سندس سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر هئي.  سيڪيورٽي ذريعن موجب هدايت الله بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وارداتن جو ماسٽر مائينڊ هو، سيوهڻ شريف آپگهاتي ڌماڪي ۾ به ملوث هو. ڪجهه ڏينهن اڳ مستونگ ۾ بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي چونڊ جلسي دوران ٿيل بم ڌماڪي جي رٿابندي به هدايت لله ڪئي هئي مستونگ سانحي ۾ بلوچستان عوامي پارٽيءَ  جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 149 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.هدايت الله  عرف مفتي ڪالعدم تنظيم سان لاڳاپيل ۽ بلوچستان  لاءِ اميد هو، سندس پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ انتهاپسند ۽ دهشتتگرد تنظيم سان واسطا هئا

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں