رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي، ڊالر 130 رپين تائين پهچي ويو

0Shares

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) عام چونڊن لاءِ هزارين پولنگ اسٽيشنز غير محفوط آهن رپورٽ موجب ملڪ ۾ چونڊن جي موقعي تي اليڪسن ڪميشن پنهنجن حڪمن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي بار بار هدايتن جي باوجود صوبن اليڪشنڪميشن جي حڪمن تي ڪن نه ڏنو. پاڪستان ۾ 4945 پولنگ اسٽيشنز تي گهربل سهولتون موجود نه آهي بنا چارديواري وارين سوين پولنگ اسٽيشنز حساس ڪئٽيگري ۾ شامل آهن سنڌ جي 3688 پولنگ اسٽين تي سهولتون ئي نه آهن بلوچستان جي 576 پولنگ اسٽيشنز تي گهربل سهولتون موجود نه آهن ڪي پي ڪي 570 پولنگ اسٽيشن سهولتن کان محروم اهن پنجاب جون 107 پولنگ اسٽيشنون به معيار جوڳيون نه آهن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي سلسلي ۾ بهترين انتظامن جي پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ چونڊن کان اڳ هزارين پولنگ اسٽيشنون غير محفوظ آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن لاءِ بهترين انتظامن جي بار بار هدايتن باوجود صوبن حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا آهن ۽ ڪميشن پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرائي سگهي آهي. ذريعن موجب چئني صوبن ۾ هزارين پولنگ اسٽيشنز غير محفوظ ۽ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن جتي پاڻي ۽ بجلي سميت چوديواري به موجود ناهي ۽ اهڙين پولنگ اسٽيشنن جو انگ 4 هزار 945 آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب چوديواري کانسواءِ ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنون حساس ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. ذريعن موجب اهڙي قسم جي سڀ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن جو انڪشاف ٿيو آهي جتي 17 هزار 747 پولنگ اسٽيشنن مان 3 هزار 688 تي چوديواري ۽ پاڻي بجلي جهڙي سهولت ناهي. بلوچستان جي 4 هزار 420 پولنگ اسٽيشنن مان 576 اسٽيشنز، ڪي پي جي 12 هزار 634 مان 670 اسٽيشنز ۽پنجاب جون 107 پولنگ اسٽيشنز گهربل معيار موجب ناهن. ذريعن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ به گهربل معيار تي پورو نه لهندڙ پولنگ اسٽيشنن جو تعداد 4 آهي. اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومتن کي پولنگ اسٽيشنز تي چوديواري، پاڻي ۽ بجلي سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں