ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردن سان چونڊ اتحاد ڪيا آهن، ترقي پسند پاڪستان لاءِ منهنجو ساٿ ڏيو: بلاول

0Shares

لاهور  (م ڊ)  ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردن سان چونڊ اتحاد ڪيا آهن، ترقي پسند پاڪستان لاءِ منهنجو ساٿ ڏيو.  تفصيل موجب لاهور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ دهشتگردن سان چونڊ اتحاد ڪيا آهن، ترقي پسند پاڪستان لاءِ منهنجو ساٿ ڏيو. اليڪشن کٽون يا هارايون، پ پ سدائين وفاق جي سياست ڪئي آهي، ڪندي رهندي، اسين اشوز واري هاڪاري سياست ڪنداسين. هن چيو ته منهنجو مقابلو  ساڄي ڌر جي انهن پارٽين سان آهي جن  پنجاب کي يرغمال بڻايو آهي، ناني جو انقلابي ۽ ماءُ جو عوامي منشور کڻي آيو آهيان. منهنجو مقابلو  ساڄي ڌر جي انهن پارٽين سان آهي جن  پنجاب کي يرغمال بڻايو آهي، ناني جو انقلابي ۽ ماءُ جو عوامي منشور کڻي آيو آهيان گارگند جي سياست نه ڪندو آهيان نه ڪندس، گارگند جي سياست اهي ڪندا آهن جن وٽ ڪو نظريو نه هوندو آهي.  پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪمزور جمهوريت به آمريت کان بهتر آهي، پ پ ئي ملڪ لاءِ واحد چواس آهي پارٽي اميدوارن تي ڪو دٻاءُ برداشت نه ڪندس پ پ سدائين عوام دوست منشور  آندو آهي، اقتدار ۾ اچي هارين کي بينظير ڪارڊ ڏبا، فصلن جي انشورس ۽ سستو ڀاڻ ڏبو چوڊ عمل تي خدشا آهن، ريلي دوران ملڪ ۾ هاڪاري سياست جي اميد پيدا ٿي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں