ڄامشورو، سيوهڻ روڊ تي حادثا، سپريم ڪورٽ جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تي ڪاوڙ، چيئرمين طلب

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾  ڄامشورو – سيوهڻ روڊ تي ٿيندڙ حادثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران نيشنل هاءِ وياٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو .جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورا روڊ ٽٽل آهن سموري رقم ڳڙڪائي وڃي ٿي ، هاءِ وي وارا سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويندا آهن.سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي نيشنل هاءِ وي جي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي.درخواستگذار موقف احتيار ڪيو ته سيوهڻ کان ڄامشوري تائين 132 ڪلوميٽر روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن .جسٽس مقبول باقر چيو ته انساني جانيون سڀ کان وڌيڪ قميتي آهن امن امان ۽ سڪيورٽي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ٻه هفتن جي مهلت اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں