زرداري ۽ فريال ٽالپر ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جا خواب ڏسڻ بدران جيل وڃڻ جي تياري ڪن: ارباب رحيم

0Shares

 جهڏو / نئون ڪوٽ (نمائندن وٽان) زرداري ۽ سندس ڀيڻ ٻيهر اقتدا ۾ اچڻ جا خواب نه ڏسن بلڪه جيل وڃڻ جي تياري ڪن، اڳ ۾ اسان کي تڪ جي عوام کٽرايو هو پر زرداري ليگ ڪوڙا ٺپا هڻي ڌانڌلي ڪري اليڪشن کٽي ويا، عوام کان ڀٽو جو قرض گهرڻ وارن ملڪ کي ارٻين روپين جو قرضدار ڪري ڇڏيو پر هنن جو پيٽ ڀرڻ ۾ نٿو اچي، سنڌ ۾ پاڻي جو بحران قدرتي نه آهي بلڪه پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت پوڇڙين جو پاڻي بند ڪري زرداري جي شگر ملن جي لاءِ ڪمند پوکرائيندا رهيا آهن، آبادگارن کي تباه ڪري زرداري ۽ سندس ڦورو ٽولي لکين ايڪڙ زرعي زمينو ڀڳڙن مٺ وٺي سنڌي عوام کي غربت ۽ مفلسي طرف ڌڪي ڇڏيو، زرداري 19 شگر ملون ۽ کرٻين ڊالرن جي ملڪيت ٺاهي ورتي پر هن جي حوس جي انتها ناهي. اهڙو اظھار اڳوڻي وزيراعلي سنڌ ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ارباب غلام رحيم جهڏو ۾ ھڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ تعلقه جهڏو جي صدر حاجي فضل ميمڻ، معشوق خان لغاري، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سيڪٽر انچارج اصغر قائمخاني، ڪائونسلر جاويد قائمخاني، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ارباب غلام رحيم وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جو پئسا، پ پ جو ناهي بلڪه غربت جي ختم ڪرڻ واري امداد جو عالمي پروگرام آھي جيڪا فيڊرل گورنمينٽ جو آهي، ۽ ڪيتري ئي ملڪن ۾ هلندڙ آهي، ۽ جڏھن تائين عالمي پروگرام هلندو رهيو اهي پئسا مستحق عورتن کي ملندا رهندا تنهن ڪري عوام پ پ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ۾ نه اڇي، هن وڌيڪ چيو ته ميرطارق ٽالپر گذريل پ پ حڪومت ۾ سيڊا جو چيئرمين هو جنهن پوڇڙين جو پاڻي بند ڪري عوام کي زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپايو ۽ ساڳي وڏيرو اج عوام کان ووٽن جي خيرات گهري رهيو آهي، قومي اسيمبلي تڪ 219 تي آئون انهي ڪري اليڪشن وڙهي رهيو آهيان ته مير منور ٽالپر بنا مقابلي ڪامياب نه ٿئي، ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي ميدان تي لهڻ کان پوءِ تڪ جي عوامي جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ پ پ جي قومي ۽ صوبائي تڪ جا اميدوار  ميرمنور ۽ ميرطارق گلي گلي وڃي عوام کي ووٽ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف  زرداري ليگ کي عوام کان وڌيڪ ڪرسي پياري آهي سنڌ قدرتي وسيلن کان مالا مال هئڻ  ڪري سنڌ جا ماڻهو غربت جو شڪار آهن آصف زرداري  فريال ٽالپر اويس ٽپي سرجيل ميمڻ سنڌ مان پئيسو لٽي دبئي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ محل ٺهرايا آهن اقتدار ۾ اچي ڪرپٽن کان لٽيل پئسو واپس ڪرائي سنڌ جي ترقي تي خرچ ڪنداسون  اهڙو اظهار اين اي 219تي نامزده اڳوڻي وڏي وزير جي ڊي اي  اڳواڻ  ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم نئون ڪوٽ ايم ڪيو ايم پاران ڪوٺايل جلسي عام ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو هن چيو ته سنڌ جي عوام مسلسل زرداري ليگ  کي ووٽ ڏنا پر زرداري ليگ  حڪومت بدلي ۾ سنڌ واسين کي بک بيروزگاري کان سوا۽ ڪجهه به نه ڏنو هاڻ عوام سجاڳ ٿي چڪو  آهي کوکلن نعرن تي ووٽ وٺڻ وارو وقت ختم ٿي ويو 25 جولا تي زرداري ليگ کي سنڌ جي عوام عبرت ناڪ شڪست ڏيڻ لا سندرا ٻڌي ميدان تي لهي پيو آهي سموري سنڌ ۾ جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا هن چيو ته مون پنهنجي دور ۾ نئون ڪوٽ واسين کي پئيڻ جي صاف پاڻي پهچائڻ لا ميگا پروجيڪٽ واٽر سپلا اسڪيم ڏني جيڪا ڏهه سال اقتدار ۾ رهندڙن چالو نه ڪرائي ۽ چون ٿا ته اها اسڪيم ارباب غلام رحيم جي ڏنل آهي آئون اقتدار ۾ اچي سڀ کان پهرين نئون ڪوٽ واسين کي پئين جي پاڻي جي ميگا واٽر سپلا اسڪيم چالو ڪرائي ڏيندس نئون ڪوٽ جهڏو ٽنڊو جان محمد ڊگهڙي واسين کي گيس جي سهوليت به ڏياريندس تڪ جي عوام جو پيار محبت ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي آئون به هن تڪ جي هاڻهن جي دل جان سان خدمت ڪندس ان موقعي تي پي ايس 50 تي نامزده جي ڊي اي اميدوار ارباب عنايت الله فنڪشنل مسلم ليگ جي خليفي سلطان رڄڙ بئيريسٽر ارباب فضل الله ارباب سڪندر عابد قائمخاني انور چانڊيو ياسر ٺاڪر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان کان اڳ ارباب غلام رحيم جي قافلي کي بائي پاس کان موٽر سائيڪلن ڪارن جي ريلي سان جلسي گاه آندو ويو مٿس گلن جي ورکا ڪئي ويئي جڏهن تي نئون ڪوٽ شهر ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان به ڪيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں