آمريڪي ڳائڻي نڪ جوناس پريانڪا سان محبت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

0Shares

نيويارڪ(شوبز نيوز) آمريڪي راڳي 25 ورهين جي نڪ جوناس ۽ 35 ورهين جي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي محبت جا چرچا ڪجهه مهينن کان جاري آهن، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ آمريڪي راڳي پاڻ کان 10 سال وڏي پريانڪا سان محبت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. هنن ٻنهي جي وچ ۾ محبت جون خبرون گذريل سال ڪانز فلمي ميلي جي ايونٽ ميٽ گالا ۾ پهريون ڀيرو گڏ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ اچڻ شروع ٿيون.هلندڙ سال جون ۾ انهن ٻنهي کي پهريون ڀيرو عوامي جاين تي ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ انهن ٻنهي وچ ۾ جلد مڱڻي ۽ شادي جون خبرون به گردش ڪرڻ لڳيون. گذريل مهيني جون ۾ پريانڪا چوپڙا آمريڪا ۾ نڪ جوناس جي ڪزن جي شادي ۾ شرڪت به ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ان ئي مهيني جي آخري ۾ آمريڪي راڳي پهريون ڀيرو ڀارت ۾ آيو هو. ڀارتي دوري جي دوران نڪ جوناس پريانڪا چوپڙا جي والدا ۽ ڀاءُ سان ملاقات به ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻئي آمريڪا هليا ويا. جتي انهن ٻنهي جي محبت جون خبرون آمريڪي ۽ ڀارتي ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون، اتي ئي انهن ٻنهي جي عمر ۾ 10 سال جي فرق تي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. ڪيترن ئي مانهن انهن جي عمر ۾ هڪ ڏهاڪي جي فرق جي باوجود ٻنهي ۾ محبت ٿيڻ تي حيرت جواظهار به ڪيو، جڏهن ته ٻنهي پنهنجي محبت ۽ عمر جي حوالي سان اڃان تائين ڪو واضح بيان نه ڏنو. پر هاڻ نڪ جوناس جي هڪ پراڻي وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو اهو ٻڌائيندي نظر اچي رهيو آهي ته هن اڄ تائين پاڻ کان وڏي عمر جي ڪيترين عورتن سان محبت ڪئي ۽ هو ڇو وڏي عمر جي عورتن کي پسند ڪندو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ آمريڪي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي 25 ورهين جي راڳي انڪشاف ڪيو ته هن اڄ تائين پاڻ کان وڏي عمر جي ڪيترين ئي عورتن سان ملاقاتون ڪيون. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽي وي شو ۾ هڪ عورت فون ڪري نڪ جوناس کان سوال ڪري ٿي ته اڄ تائين هو ڪيترين وڏي عمر جي عورتن سان ملي چڪو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں