اداڪارا صبا قمر جي نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

0Shares

ڪراچي(شوبز نيوز) فلم انڊسٽري جي ڳالهه ڪئي وڃي يا ماڊلنگ جو ذڪر هجي، اداڪارا صبا قمر هميشه ئي خبرن ۾ رهندي آهي، هن کي خبر آهي ته ڪهڙي طرح پنهنجي ڪم کي مڃرائڻو آهي ۽ ڪيئن پاڻ کي ميڊيا انڊسٽري ۾ ان رکڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ هر واري پنهنجون اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي جيڪي نه صرف روايتن جي خلاف هونديون آهن پر ٽاڪ آف دي ٽائون بڻجي وينديون آهن، ايئن ئي هڪ فوٽو شوت هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪرايو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. صبا قمر اهو فوٽو شوٽ ڊيزائنر عمران راجپوت لاءِ ڪرايو آهي جنهن ۾ هن پينٽ ڪوٽ پائي رکيو آهي، پينٽ ڪوٽ ته عام طور تي عورتون پائينديون رهنديون آهن پر صبا قمر جي سامهون ايندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هن ڪوٽ جي هيٺان ڪجهه ناهي پاتو. اهڙي طرح جا ڪپڙا اولهه ۾ ته معمول جي ڳالهه آهن پر اوڀر جي معاشري ۾ اهڙي طرح جي بيباڪي ماڻهن جي دلين تان سخت سان گذرندي آهي جنهن جو مظاهرو صبا قمر جي وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڏٺو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں