پروپيگنڊا بدران پاڪستاني فلمن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي: سعيدا امتياز

0Shares

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا سعيدا امتاز چيو آهي ته مخالفن جي پروپيگنڊا کان گهٻرائڻ واري ناهيان، ميرٽ تي ڪم ڪيو آهي ۽ آئندا به جيڪو ڪم ڪنديس اهو ميرٽ تي هوندو، هن چيو ته منفي پروپيگنڊا بدران اسان کي پاڪستاني فلمن کي رپورٽ ڪرڻ گهرجي. اداڪارا سعيدا امتياز چيو آهي ته منهنجي فلم وجود کي عيدالفطر تي زبردست پذيرائي ملي پر ڪجهه مخالفن ان حوالي سان منفي پروپيگنڊا ڪئي جنهن کي عوام قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور  تي سوشل ميڊيا تي منهنجي پرستان جو وڏو تعداد موجود آهي، جن ان حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيدا امتياز چيو ته هڪ فنڪارا جي حيثيت سان مون کي جيڪو ڪم ٺيڪ لڳندو آهي مان ڪندي آهيان. پوءِ چاهي اها فلم هجي يا وري ٽي وي ڪمرشل يا فوٽو شوٽس. مون کي ٽي وي سيريلز ۾ گهڻن ئي اهم ڪردارن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿيندي رهندي آهي پر مان پنهنجي زندگي جا ڪجهه اصول قائم ڪري رکيا آهن ۽ ان جي موجب ئي مان ڪم ڪندي آهيان پر شوبز سان تعلق رکندڙ هڪ گروپ منهنجي ڪاميابي ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز کان جيلس آهي ۽ ان لاءِ هو ڄاڻي واڻي ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرون ۽ افواهون ڦهلائيندا رهندا آهن جنهن سان مون ته ڪو فرق نه پوندو پر منهنجي چاهيندڙن کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں