ايشا ديول جي مختصر فلم ڪيڪ واڪ جي جهلڪ جاري

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايشا ديول جي مختصر فلم ”ڪيڪ واڪ“ جي جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ هو بنگالي ڪنوار جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب رام ڪمل مکرجي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ مختصر فلم ”ڪيڪ واڪ“ جي جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ايشا ديول بنگالي ڪنوار جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي. 22 منٽن جي ان فلم ۾ ايشا ديول شيف جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فلم آڪٽوبر ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں