پاڪستاني اوپنر زمبابوي بالرن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پيا، فخر زمان جي ڊبل سينچري، ڪيترائي رڪارڊ قائم

0Shares

بلاوايو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان چوٿين ون ڊي ميچ ۾ به زمبابوي کي بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني اوپنر پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي بالرن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پيا، هڪ وڪيٽ وڃائي 399 رنسون ٺاهيو، ڪيترائي رڪارڊ قائم.  تفصيل موجب گرين شرٽس جي ڪپتان سرفراز احمد زمبابوي خلاف چوٿين ون ڊي ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو تمام ڪارائتو ثابت ٿيو. پاڪستان اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان زمابوي بالرن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي پيا. امام الحق ۽ فخر زمان 304 رنسن جي پارٽنر شپ جوڙي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. جڏهن ته امام الحق 113 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، فخر زمان 210 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي سعيد انور جو 194 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي پاڪستان طرفان ون ڊي ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو. رهيل ڪسر آصف علي پوري ڪندي 22 بالن تي 50 اسڪور ڪري ورتو.  زمبابوي جي ٽيم پهاڙ جيڏي 400 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي 155 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڊونلڊ ٽرپنو 44، ڪپتان مسڪدزا 22 ۽ چگمبرا 20 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستاني بالرن ۾ شاداب خان 4 شڪار ڪيا، فهيم اشرف ۽ عثمان شنواري 2-2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ جنيد خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. فخر زمان کي بهترين ڊبل سينچري ٺاهڻ تي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.

 فخرالزمان ون ڊي ۾ ڊبل سينچري ٺاهي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو

هراري(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اپنر بيٽسمين فخرالزمان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ تاريخ جوڙي ورتي، ڊبل سينچري ٺاهي سعيد انور جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.تفصيل موجب ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ اوپننگ بيٽسمين فخاالزمان ۽ امام الحق شاندار راند پيش ڪندي 304 رنسون ٺاهي پهرئين وڪيٽ تي حصيداري جو نئون عالمي رڪارڊ آهي.جڏهن ته ان سان گڏ ئي قومي  ٽيم جي بيٽسمين فخرالزمان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 210 ناٽ آئوٽ رنسون ٺاهي تاريخ جوڙي ورتي، فخرالزمان پنهنجي ڊبل سينچري 148 بالن تي مڪمل ڪئي.ان کان اڳ اهو رڪارڊ پاڪستاني بيٽسمين جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي هو جڏهن ته هاڻ فخرالزمان طرفان ڊبل سينچري کانپوءِ اهو رڪارڊ فخرالزمان وٽ وڃي چڪو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں