عام چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ دهشتگرد حملن جو خطرو، 65 سياسي اڳواڻ هٽ لسٽ تي آهن: نيڪٽا سربراهه جو انڪشاف

0Shares

 اسلام آباد(بيورو) سينيٽ جي گهرو اسٽينڊنگ ڪميٽي جي خاص اجلاس ۾ جي ايڇ ڪيو جي نمائندي چيو آهي ته اسان جو چونڊن سان ڪو تعلق ناهي ۽ اسان رڳو اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي امن امان جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. سينيٽ جي گهرو اسٽيڊنگ ڪميٽي جو خاص اجلاس ڪميٽي چيئرمين رحمان ملڪ جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ جي ايڇ ڪيو جي نمائندي خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ چونڊن بابت بريفنگ ڏني. جي ايڇ ڪيو نمائندي بريفنگ دوران ٻڌايو ته آرمڊ فورسز هميشه سول ادارن کي پنهنجي سپورٽ ڏيندي رهي آهي، پرنٽنگ پريس لاءِ به آرمي ڊيوٽي ڏئي رهي آهي، اليڪشن لاءِ پوري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي پئي وڃي. جي ايڇ ڪيو نمائندي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو اليڪشن سان ڪو تعلق ناهي، اسان رڳو اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي امن امان جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ 3 لک 71 هزار فوجي جوان سڄي ملڪ جي پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ٿيندا. اجلاس دوران سينيٽر ڪلثوم پروين سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ ڪيترا فوجي جوان اماڻيا پيا وڃن؟ ان تي جي ايڇ ڪيو جي نمائندي ٻڌايو ته اسان بلوچستان ۾ ضرورت مطابق مقرري ڪئي آهي، سيڪيورٽي بابت اسان هر جاءِ جو تجزيو ڪيو آهي، پلاننگ جو معاملو اسان تي ڇڏي ڏيو، اسان کي خبر آهي ته ڪٿي ڪيترا جوان مقرر ڪرڻا آهن. سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشڻ جي سيڪريٽري بابر يعقوب جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ واٽر مارڪ بيلٽ پيپر ڏنا ويندا. سمورين پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل هونديون. اسان وٽ 85 هزار پريزائيڊنگ آفيسر آهن. هن ٻڌايو ته سمورا چونڊن تي تبصرو ڪندڙ پاڪستان پهچي چڪا آهن، تبصرو ڪندڙن بابت ناڪاري رپورٽن کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان جي اسٽاف کي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي. گذريل چونڊن ۾ اسان جي آفيسر کي شهيد ڪيو ويو هو. بابر يعقوب چيو ته نيڪٽا سان اجلاس ٿيو 20 هزار جي لڳ ڀڳ حساس پولنگ اسٽيشنون آهن. صوبن کي چيو آهي ته اتي سي سي ٽي وي ڪيميرائون ضرور لڳايو، اليڪشن ڪميشن فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته فوج پريزائيڊنگ آفيسر جي ماتحت ڪم ڪندي. تاثر ڏنو پيو وڃي ته فوج آزاد حيثيت ۾ ڪم ڪندي اهو غلط آهي. هن چيو ته چونڊن جي موقعي تي دهشتگردي جو خطرو هوندو آهي.  اميدوارن جو تحفظ، عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن جو تحفظ ضروري آهي. 18 هزار پولنگ اسٽيشنن تي ڪيميرائون لڳايون وينديون. سيڪريٽري جو چوڻ هو ته طئي ٿيل طريقيڪار تي هلنداسين، پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. ضابطا اخلاق لکت ۾ رکيو ويو آهي. ڪجهه سياسي پارٽين جي اعتراضن جوڳن اشتهارن جو نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته بيلٽ بڪس ڀرڻ جي ڪوشش تي فوجي جوان آر او ۽ پي او کي ٻڌائيندا. نيڪٽا جي سربراهه ڊاڪٽر سليمان انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان طرفان سڀ کان وڌيڪ ٿريٽ الرٽ آهن. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي خاص اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي نيڪٽا جي سربرهاه ڊاڪٽر سليمان ٻڌايو ته ملڪ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي قيادت کي خطرو آهي،  هن وقت تائين 65 ٿريٽ الرٽ آهن، پابندي مڙهيل تنظيمن طرفان سڀ کان وڌيڪ ٿريٽ الرٽ آهن، پابندي مڙهيل جماعت الحرار ۽ داعش مان سڀ کان وڌيڪ خطرو آيو آهي، جڏهن ته مون وٽ ايم ڪيو ايم لنڊن طرفان هڪ ٿريٽ الرٽ رڪارڊ تي آهي.  هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي لاءِ وڌيڪ ٿريٽ مليا آهن، انٽيليجنس ايجنسين کي ڪومبنگ آپريشن لانچ ڪرڻ گهرجن جڏهن ته ضلعن ۽ ٿاڻن جي سطح تي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون جوڙيون وڃن. سندس چوڻ هو ته نيڪٽا انٽيليجنس رپورٽرن کي صوبن سان شيئر ڪندو آهي، جن سياسي اڳواڻن جي زندگين کي خطرو آهي ان جي لسٽ ڪميٽي کي ڏني ويندي. نيڪٽا سربراهه چيو ته اليڪشن عمل خلاف ڪجهه ويڙهاڪ گروپ متحرڪ رهندا آهن، اهي گروپ مخصوص پارٽين کي نشانو بڻائيندا آهن. نيڪٽا سربراهه چيو ته دهشتگرد چونڊن کي بسوتاز ڪرڻ لاءِ وڌيڪ حملا ڪري سگهن ٿا. 65 سياسي پارٽين جا سربراهه هٽ لسٽ تي آهن. عمران خان، شاهد خاقان عباسي سميت 65 سياسي اڳواڻن جي زندگين کي خطرو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں