پي ٽي آءِ ميثاق جمهوريت جي مخالفت ڪري “ يو ٽرن” ورتو، ڪمزور جمهوريت به آمريت کان چڱي آهي: بلاول

چنيوٽ (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه محمود قريشي جي موجودگيءَ ۾ ميثاق جمهوريت تيار ڪيو ويو، مخالف هڪ وڌيڪ يوٽرن آهي، پ پ يوٽرن جي سياست نه ڪندي آهي. چنيوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هيءَ اليڪشن منهنجي پهرين اليڪشن آهي، عوام کي ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اڪيلو پارليامينٽ ۾ وڃي ڇا ڪندس، عوام پ پ جي نامزد اميدوارن کي به ڪامياب ڪري، عوام جي حقن جي جنگ وڙهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ وڃڻ چاهيان ٿو،  چونڊ مهم دوران ڀرپور آجيان ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته  ميثاق جمهوريت جمهوريت بچائڻ لاءِ بڻايو ويو هو،  ڪمزور جمهوريت به مضبوط آمريت کان بهتر هوندي آهي، اسان خلاف هميشه اتحاد ٺهيا، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جي پاليسي هڪ ئي آهي پر پ پ يوٽرن جي سياست نه ڪندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام گارگند نه پر مسئلا حل ڪرڻ جي سياست چاهي ٿو، ڪو به يوٽرن ناهي، پ پ پنهنجي منشور تي هلندي آهي. هن چيو ته پ پ نظرياتي ۽ وفاقي پارٽي آهي، پ پ ۽ عوام جو رشتو ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ڪيون ويون، پنجاب ۾ نظرياتي بحران کي پ پ ختم ڪندي. سندس چوڻ هو ته عوام سان رشتو ختم ڪرڻ جي سازش تحت بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو پر پ پ اڄ به ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي پ پ جي پاڪستان کي بچائڻ جي منشور تي ساٿ ڏئي سگهن ٿا ساڻن اتحاد ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ وڃي آئين ۽ نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پ پ هميشه وڙهندي آهي ۽ اسان وڙهندا رهنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں