شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي ڪرپشن ڪندڙن جو سج لهي چڪو آهي: ارباب رحيم

0Shares

 ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد ۾ جي ڊي اي جو سياسي پاور شو هزارين گاڏين جي ريلي جي صورت ۾ سابق سي ايم ارباب غلام رحيم ، سيد علي نوازشاھ جوشاندار استقبال، جلسي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، هزاري ماڻهن پاران گو زرداري گو جي نعريبازي، جي ڊي اي جي تاريخي جلسي بعد سياسي صورتحال تبديل مخالفن جون وايون بتال ٿي ويون، عوام ڀٽي جو قرض لاهي چڪو آهي هاڻي عوام پنهنجو قرض زرداري ليگ کي گلي مان جهلي وصول ڪندو پاڻي جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي تباھ ڪيو ويو، ارباب غلام رحيم جو خطاب، ڪوٽ غلام محمد تڪ جي عوام جي ڊي اي اڳواڻ سابق سي ايم سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ سيد علي نواز شاھ جو هزارين گاڏين موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي شاندار استقبال ڪيو ويو اليڪشن آفيس سامهون رٿيل جلسي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن گو زرداري گو جي زور دار نعريبازي ڪري سڄي شهر کي گونجائي ڇڏيو جڏهن ته شهر ۾ جي ڊي اي جو تاريخي جسلو ٿيڻ بعد تڪن ۾ سياسي صورتحال پڻ تبديل ٿي وئي عوام جو سمنڊ ڏسي پ پ پ جون وايون بتال ٿي ويون جي ڊي اي جي منعقد تاريخي جلسي ۾ پي ايس 49 جي آزاد اميدوار سيد شجاع محمد شاھ سميت علائقي جي مشهور شخصيت فيصل ڪاڇيلو، ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪوٽ غلام محمد جي سيڪٽر انچارج حامد رائو، سابق يوسي ناظم محمد جعفر ڪالرو، سابق سٽي ناظم حاجي اميرحسن قائمخاني، سيٺ شفقعت قائمخاني، اي ڊي لاکو، رئيس محمد هاشم ڀرڳڙي سميت ٻين معزز شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪوٽ غلام محمد جي زونل انچارج حامد رائو جي ڊي اي اميدوار ارباب غلام رحيم، آزاد اميدوار سيد شجاع محمد شاھ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو ٻي طرف جي ڊي اي سابق سي ايم سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم تاريخي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽن جي نالي تي ووٽ وٺي رڪارڊ ڪرپشن ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ ڪرپٽ حڪمرانن جو سج لهي چڪو آهي جن جا هاڻي جيئي ڀٽو جا نعرا نه هلي سگهندا، هن چيو ته زرداري ليگ آبادگارن ۽ ڪمند جو اگهھ نه ڏيڻ سميت سنڌ ۾ هٿراڌو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو ۽ سنڌ جو آبادگار توڙي غريب هاري معاشي گهوٽالن جي ورچڙهي سخت پريشانين واري زندگي گذاري رهيو آهي هن چيو ته منهنجي دور ۾ به اهيو ساڳيئي پاڻي هو زرداري پنهنجون زمينون آباد ڪرائي رهيو آهي هتي ڳوٺن ۾ ماڻهن کي پئڻ جو پاڻي به ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي، ارباب رحيم چيو ته سنڌ جو عوام ڀٽي جو قرض لاهي چڪو آهي هاڻي عوام زرداري ليگ ۽ ان جي ڪرپٽ ٽولي کان ڳچي مان جهلي قرض وصول ڪندو، هن چيو ته اسان جا اڄ به هٿ صاف آهن ڪامياب ٿي سنڌ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي وينداسون،پ پ پ کان ڌار ٿيل سيد علي نواز شاھ چيو ته مون 50 سالن تائين پ پ پ پارٽي ۾ ايمانداري ديانتداري سان وقت گذاريو پر پ پ پ جا وارث شهيد ٿيڻ بعد اها پارٽي زرداري ليگ  ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هنن کي صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صرف ووٽ وٺڻ بعد ياد ايندي آهي هن چيو ته زرداري جي ڪمداري ڪندڙن کي اڳيا ڪيو ويو مون کي زرداري جي ڪمداري جي ضرورت نه آهي هن چيو ته آئون اليڪشن ۾ اقتدار جي لالچ ۾ نه پر تڪ جي راڄن جي صلاح مشهور بعد اليڪشن ۾ بيٺو آهيان منهنجي جنگ ڪنهن سان نه آهي ۽ هنن دوکو ڏيندڙ ڪوڙن بوٽ پاليش ڪندڙ درباري حڪمرانن کان عوام پاڻ ئي احتساب ڪري رهيو آهي اڳيان آئون آهيان منهنجي پٺيان عوام جو سمنڊ آهي تڪ جي عوام سان گڏ آهيان اي ڊي لاکو خطاب ڪندي چيو ته زرداري ليگ ۾ هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي تباھ ڪيو ويو ڪراچي ۾ هارين ماسترن ۽ استادن کي پنهنجو حق گهرڻ تان ڏنڊا وسايا ويا، هن چيو ته ارباب غلام رحيم پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي نگران حڪومت جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ بعد واهن تي رينجرس مقرر ڪرائي جن زرداري جون اٽڪل 600 لڳل لفٽ ميشنون ڪڍرائي فٽيون ڪيون ۽ سنڌ جي واهن ڪئنالن ۾ پاڻي پهچي ويو هن چيو ته پاڻ ئي حڪمران چور هئا ۽ پاڻ ئي پاڻي چوري ڪري وري احتجاج به پاڻ ئي ڪري رهيا هئا،جڏهن ته فيصل ڪاڇيلو، سابق يوسي ناظم ايڊوڪيٽ محمد جعفرڪالرو، سيٺ شفقت قائمخاني، شڪيل شيخ  ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا،

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں