باليووڊ جي پهرين سپر اسٽار راجيش کنا کي مداحن کان وڇڙئي 6 ورهيه وهامي ويا

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي پهرين سپر اسٽار جو اعزاز حاصل ڪندڙ ليجنڊري اداڪار راجيش کنا کي مداحن کان وڇڙئي 6 ورهيه وهامي ويا،  راجيش کنا 29 ڊسمبر 1942 تي ڀارتي شهر امرتسر ۾ پيدا ٿيو، هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1966 ۾فلم ”آخري خط“ سان ڪئي ۽ پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي شاندار فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو. هن بيشمار ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ بوبي، بهارون ڪي سپني، عورت، هاٿي ميري ساٿي، دشمن، امر پريم، جورو ڪا غلام، باورچي، سورگ  ۽ ٻيون شامل آهن.  باليووڊ ۾ ڪاڪا جي نالي سان مشهور راجيش کنا نه رڳو اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا پر فلم پروڊيوسر ۽ سياستدان طور پڻ پاڻ ملهايو. راجيش کنا تي ڪيترائي سدا بهار گيت فلمايا ويا جن ۾  ميري سپنو ڪي راني، يه جو محبت هي، آئونا گلي لگ جائو نا ۽ ٻيا شامل آهن. هن باليووڊ جي ڪيترن وڏن ستارن سان گڏ ڪم ڪيو جن ۾ اداڪار اميتاڀ بچن، شرميلا ٽيگور، جيا بچن، زينت امان ۽ هيمامالني شامل آهن. راجيش کنا باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ منفرد شخصيت جو مالڪ هو، اهو ئي منفرد انداز سندس اداڪاري ۾ پڻ واضح طور نظر ايندو هو. هن پنهنجي شاندار اداڪاري تي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا جن ۾ پدما ڀوشن اعزاز پڻ شامل آهن، ڀارتي فلم انڊسٽري جو هي وڏو نالو 18 جولائي 2012 تي ڪينسر جي بيماري سبب مداحن کان وڇڙي ويو، پر سندس”بابوڀوشائي“ جو يادگار انداز اڄ تائين سڀني جي دلين ۾ زندا آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں