ڀارتي عوام مذهبي نفرتن مان نڪري ڪروشيا کان سبق سکي: هرڀجن سنگهه

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه پنهنجي ملڪ جي عوام کي مذهبي نفرتن مان نڪري ڪروشيا کان سبق سکڻ جو چيو آهي. هرڀجن سنگهه فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ فرانس جو مقابلو ڪندڙ ڪروشيا جو مثال ڏيندي ٽوئيٽ ڪيو ته ان جي آبادي 50 لک کان به گهٽ آهي پر فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل کيڏي اسان جي ملڪ جي آبادي 135 ڪروڙ جي باوجود اسان ان ايونٽ ۾ پري پري تائين ناهيون. هن چيو ته اسان بدستور هندو مسلم جهيڙي ۾ الجهيل آهيون، ان سان گڏوگڏ هرڀجن سنگهه سوچ بدليو ملڪ بدلجندو جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں