ڪوهلي ڪپتان طور تيز ترين 3 هزار ون ڊي رنسن جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو

دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سپر اسٽار ۽ ڪپتان ويرات ڪوهلي ڪپتان طور تيز ترين 3 هزارن ون ڊي رنسون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو آهي. ويرات ڪوهلي اهڙو رڪارڊ انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ فيصلائتي ون ڊي ۾ 71 رنسون ٺاهي قائم ڪيو. ٽيم جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ ڪوهلي 49 ون ڊي اننگز ۾ 3 هزار رنسون ٺاهيون. ان کان پهريان اهو اعزاز ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز وٽ هو جنهن 60 اننگز ۾ 3 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون. ڪپتان طور تيز ترين هڪ هزار ۽ 2 هزار ون ڊي رنسن جو رڪارڊ به ويرات ڪوهلي وٽ ئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں