نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس اوپن ڪورٽ ۾ هلائڻ جي منظوري، جيل ٽرائيل وارو نوٽيفڪيشن واپس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينه نوازشريف جي خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائيل کلي عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ جيل ترائيل جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منطوري ڏني ڏيئي وئي نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ نوازشريف جي جيل ٽرائيل بابت قانون ۽ انصاف واري وزارت جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منطوري سميت ٻيا فيصلا ڪيا ويا وفاقي ڪابينه ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا مليل نوازشريف جي خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائيل اوپن ڪورٽ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جيل ٽرائيل لاءِ نيب آرڊيننس تحت جاري نوٽيفڪيشن ملتوي ۽ جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي ان کان سواءِ اجلاس ۾ نگران گهرو وزير امن امان جي صورتحال تي ڄاڻ ڏني ۽ ان دوران عام چونڊن واري عمل کي شفاف بنائڻ وارن قدمن کي آخري شڪل ڏني ويئي ذريعن موجب ڪابينه اجلاس جي ايجنڊا ۾ مني لانڊرنگ جي خلاف قدم ۽ ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي غور ڪيو ويو ذريعن موجب اجلاس ۾ بئنڪنگ ڪورٽ ٽو لاهور جي جج جي مقرري جي به منظوري ڏني ويئي ڪابينه چيئرمين پورٽ قاسم کي اضافي ذميواريون ڏيڻ جي منظوري به ڏيئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف نگران وفاقي حڪومت عام چونڊن ۾ امن امان جي لاءِ سول آرمڊ فورسز جا 42 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وفاقي ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن ۾ نيڪٽا صوبائي حڪومتن سان ڄاڻ جي ڏي وٺ ڪندي جڏهن ته ڪابينا اجلاس، نادرا، ايف آءِ اي ۽ ايوي ايشن ٽيڪنيڪل تعاون فراهم ڪندا. وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون چونڊ ضابطا اخلاق تي سختي سان عملدرآمد ڪرائين ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سيڪيورٽي انتظامن جي باري ۾ اعتماد ۾ ورتو وڃي. ذريعن موجب نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا هڪ مهيني جون پگهارون ديارمير ڀاشا ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي تي ڪابينا ۾ اختلاف راءِ رهيو آهي. ڪابينا ۾ چيو ويو ته زبردستي پگهارن مان ڪٽوتي نه ٿي ڪري سگهجي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ملازم رضاڪاراڻي طور ٻن ڏينهن جون پگهارون ڏيڻ گهرجن ته ڪٽوتي ٿيندي پر جيڪي فنڊ نه ٿا ڏيڻ چاهين اهي لکت جي طور تي ڪٽوتي نه ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪندا. وفاقي ڪابينا ڊيمن جي فنڊ لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي جي منظور ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري امن امان ۽ چونڊن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.ميڊيا جي رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا جي نگران ميمبرن هڪ مهيني جون پگهارون ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي ٻن ڏينهن جون پگهارون فنڊ ۾ جمع ڪئي ويندي. رپورٽن موجب گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ جمع ٿيندي. ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان پاران ڊيم ٺاهڻ لاءِ فنڊ ريزنگ مهم جاري آهي جنهن ۾ قوم وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي ۽ هن وقت تائين ڪروڙين رپيا جمع ٿي چڪا آهن.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں