عمران خان عوام ۾ مقبول ناهي، سندس ڀل آهي ته هو سازشن وسيلي وزيراعظم بڻجي ويندو: بلاول

0Shares

لالا موسيٰ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته عمران خان غلط فهمي ۾ آهي ته هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي ويندو، جيڪڏهن هو ايترو ئي مقبول هجي ها ته کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي. لالا موسيٰ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري عمران خان طرف اشارو ڪندي چيو ته گارين ۽ نفرت جي سياست ڪري ڪجهه مدي لاءِ فائدو ورتو ۽ هي لاڏلي جي پراڻي عادت آهي، ان عمل سان قوم کي وڏي وقت لاءِ نقصان پهچندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺ پتلي اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، خان صاحب جي غلط فهمي آهي ته هو سازشون ڪري وزيراعظم بڻجي ويندو، جيڪڏهن هو ايترو ئي مقبول هجي ها ۽ عوام ان سان گڏ هجي ها ته کيس ايتريون سهولتون ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هجي يا جي ڊي اي، اهي آزاداڻين چونڊن ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهن، جيڪي به سازشون ٿي رهيون آهن هڪ ڏينهن اهي ثبوتن سان گڏ سامهون آڻينداسين. هن چيو ته عوام دوست پاليسين کي ملڪي سياست ۾ ترجيح ڏيندس، پهريان به چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي، ان تي بار بار اعتراض ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي به شڪايت ڪئي، پابندي مڙهيل تنظيمن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي مذمت ڪريان ٿو. بلاول چيو ته جيالا وڙهڻ لاءِ جوش ۾ آهن پهريان به مشڪل وقت کي منهن ڏيئي چڪا آهيون هاڻي به مشڪل وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون بلاول ڀٽو زرداري عمران خان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته گارگند ۽ نفرت سان سياست ڪري شايد گهٽ مدي فائدو ورتو وڃي ۽ هي لاڏلي جي پراڻي عادت آهي جڏهن ته هن عمل سان قوم کي ڊگهي مدي نقصان ٿيندو بلاول ڀتو زرداري چيو ته عوام دوست پاليسيز کي ملڪي سياست تي ترجيحي ڏيندس اڳ به چيو ته ڪالعدم تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي ان تي بار بار اعتراض ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي به شڪايت ڪئي پابندي پيل تنظيمن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ جي مذمت ڪيان ٿو هنچ يو ته پنجاب جي سياست ۾ نظرياتي بحران آهي ان لاءِ پيپلزپارٽي وڙهندي پي ٽي آ3 ۽ نوازشريف پارٽي جو منشور هڪجهڙو آهي اسان جو سفر صرف اليڪشن تائين محدود نه آهي ان لاءِ پيپلزپارٽي جو منشور ٻين سمورين جماعتن کان مختلف آهي اسان بينظير ڀٽو جي فلسفي تي هلندي مثبت سياست ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڏلي جي سياست سان مستقبل ۾ ملڪ کي نقصان پهچي سگهي ٿو عمران خان شفاف اليڪشن کان ڊڄي ٿو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں