ججن جا فون ٽيپ ڪيا وڃن ٿا، حساس ادارا پنهنجي آئيني ذميواري سمجهن: جسٽس شوڪت صديقي

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عزيز صديقي چيو آهي ته عدليه ۾ ججز کي اپروچ ڪيو پيو وڃي، هنن جا فون ٽيپ ڪيا ٿا وڃن ۽ ججز جون زندگيون محفوظ ناهن لاپتا ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايجنسي جو نمائندو پيش ٿيو، جسٽس شوڪت صديقي چيو ته اوهان جا ماڻهو پنهنجي مرضي جي بئنچ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن ماڻهن جا ڪرتوت سامهون اچڻ گهرجن. عدالت لکت ۾ حڪم ۾ لکيو آهي ته شهرين، واپارين ۽ اثر رسوخ ماڻهن کي اسلام آباد مان کنڀڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، حساس ادارا پنهنجي آئيني ذميواري کي سمجهن، عدليه، ايگزيگيوٽو ادارن ۾ مداخلت روڪي وڃي. لکت ۾ حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اداري ملڪ تي ڌيان ڏين، رياست مٿان رياست جو تصوير ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن ٻين ادارن ۾ مداخلت کي نه روڪيو ويو ته اهو تمام تباهي آڻيندڙ هوندو. جسٽس صديقي لکت ۾ حڪم ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ان الارمنگ صورتحال کي سمجهيو ۽ ٻين ادارن ۾ پنهنجي ماڻهن جي مداخلت روڪيو. عدالت عدالتي حڪم جي ڪاپي، سيڪريٽري بچاءَ تائين پهچائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ۾ پيش ڪيل بازياب شخص ٻڌايو ته هو پنهنجي مرضي سان ويو هو پر ان شخص جي ڀاءُ عدالت کي ٻڌايو ته ايجنسيون کڻي ويون هيون. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته بازياب شخص خوفزده لڳي رهيو آهي، هن ريمارڪس ڏنا ته پنهنجي پاڻ کي ڪل عقل نه سمجهيو، ڪل عقل وارن سان قبرستان ڀريل آهن، پوليس وارا ايجنسين اڳيان بي وس آهن. عدالت اسلام آباد پوليس جي ايس پي انويسٽيگيشن زبير شيخ تي افسوس جو اظهار ڪيو. جسٽس صديقي چيو ته جيڪي آفيسر سچ نه ڳالهائي سگهيو ۽ ڊڄ ۽ مصلحت جو شڪار ٿيا اهي پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن.

اپنا تبصرہ بھیجیں