عوام جي جذبي مان لڳي رهيو آهي ته عوام ڀوتارڪي نظام مان بيزار ٿي ڄامشوري اتحاد جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي: سيد جلال محمود شاهه

0Shares

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشورو اتحاد جو انڙپور ۾ جلسو. جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن جو گو ڀوتار گو جا نعرا رپورٽ موجب تعلقي ڪوٽڙي جي علائقي انڙپور ۾ ڄامشورو اتحاد جو جلسو ٿيو جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جلسي کي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه خطاب ڪندي چيو ته ڀان کان وٺي ڪوهستان جي علائقي بيلي ٺپ تائين ماڻهن ۾  جيڪو جذبو ڏٺو آهي. انهي مان لڳي رهيو آهي ته عوام ڀوتارڪي نظام مان بيزاري جو اظهار ڪري ڄامشورو اتحاد جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ۳۵ سالن تائين اقتدار ۾ رهندڙن هتان جي عوام کي ڪا به سهولت نه ڏني آهي. هتي جو عوام پيئڻ جي پاڻي لاءُ پريشان آهي عوام جي ووٽن تي چونڊيل ڀوتار پنهنجن کي نوازڻ ۾ مصروف رهيو. هن چيو ته ضلعي جو عوام ڀوتارڪي نظام مان بيزار ٿي چڪو آهي. عوام ۲۵ جولائي تي ڪار ۽ تالي تي ٺپو هڻي ڀوتارڪي نظام جو هميشه لاءُ خاتمو آڻين. جلسي کي پي ايس ۸۲ جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو خطاب ڪندي چيو ته چونڊن کان اڳ مخالفن پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي آهي. جنهن ڪري ووٽرن کي ڌمڪين ذريعي حراسان ڪرڻ ۽ پئسن عيوض ووٽ خريد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عوام خاطر ملڪ اسد سان اتحاد ختم ڪري عوام وٽ آيو آهيان ته ملڪ اسد وث عوام جي ڀلائي لاءُ ڪوبه منشور ناهي هن وٽ پنهنجو گهر ڀرڻ ۽ پنهنجن کي نوازڻ جو پروگرام آهي. هن چيو ته عوام ووٽ ذريعي پنهنجي تقدير تبديلي ڪري جلسي کي پي ايس ۸۱ جي اميدوار ملڪ چنگيزخان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اسد هتان جي عوام کان ۳۵ سالن تائين ووٽ حاصل ڪيا آهن پر اڄ ڏينهن تائين پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته ملڪ اسد ۽ سندس اميدوارن جي عوام سان ڪا به دلچسپي نه آهي. هنن جو مقصد صرف پنهنجا گهر ڀرڻ آهي. هن چيو ته سندس سامهون بيٺل گيانچند جو عوام سان ڪو به واسطو آهي. اهو شرا ب جو واپاري آهي سندس سڄي سنڌ ۾ هڪ سو کان وڌيڪ شراب جا گتا آهن وري به وڃي وڌيڪ گتا کوليندو. هن چيو ته سڪندر راهيپوٽي کي ڪير به نٿو سڃاڻي اهو مراد علي شاهه جا بوٽ پالش ڪندڙ آهي. هن چيو ته اسان تالو نشان ان ڪري ورتو آهي. جيئن ڀوتارڪي نظام کي هميشه لاءُ تالي ۾ بند ڪري ڇڏيون. ڀوتارڪي نظام کي تالي ۾ بند ڪرڻ لا ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں