ٿاڻوبولاخان(ن هه) ڪوھستان ۾ اليڪشن سرگرميون عروج تي پھتل آهن پي ايس 81 تي پ پ ملڪ اسد سڪندر جو حمايت يافتا اميدوار گيان چند ايسراڻي ۽ ڄامشورو اتحاد جي اميدوار ملڪ چنگيز خان وچ ۾ اصل مقابلو ٿيندو ٻنھي اميدوارن ووٽرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف طريقن سان ووٽرن کي پنهنجو ڪرڻ جا حيلا ھلائي رھيا آهن پ پ اميدوار گيانچند ايسراڻي ملڪ اسد سڪندر جي فرزند ملڪ سڪندر جونيئر ۽ راڄ جي چڱن مڙسن سان گڏ ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ گڏجاڻيون ڪيون ـ ڌماچ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي گيانچند ايسراڻي چيو ته اسان هن گرمي ۾ جتي ڪٿي وڃون ٿا ماڻھو محبتون ڏين ٿا اڳ وارين اليڪشنن کان هن اليڪشن ۾ ماڻھن ۾ جوش جذبو وڌيڪ آھي اسان هڪ ڏينهن ۾ 41 اليڪشن جا پروگرام ڪيا آھن ڪوٽڙي ۾ راڄ وارا ماڻھو نه آھن پر اهي به اسان سان محبت ڪن ٿا خدا جي بستي ڪوٽڙي ۾ ڪيتريون قومون رهن ٿيون اهي به اسان سان محبت ڪن ٿيون اتان جا ڪيترائي نوان ماڻھو پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آھن ۔ هن چيو ته مون توهان جو ڏوھ ڪهڙو ڪيو آھي ؟ مخالف چون ٿا ته 8 وزارتون هوندي به ڪوبه ڪم نه ڪرايو اٿس پر 8 وزارتون هوندي مون ڪوبه طاقت جو مظاهرو ته نه ڪيو ۔ هن چيو ته ٽڪيٽ الله سائين پارٽي ۽ ملڪ اسد جي مهرباني ڪري ملي آهي هن چيو ته آئون مخالفن جي عزت ڪندو آھيان مون ڪوهستان ۾ ڪم ڪرايا آهن پر مخالفن کي ڏسڻ ۾ ڪون ٿا اچن ۔ مون 100 پرسنٽ نه پر هڪ پرسنٽ ته ڪم ڪرايو آھي توهان ته هڪ پرسنٽ به ڪم نه ڪرايو آھي هن چيو ته هينئر فوٽو ڪڍائڻ واري سياست آھي اسان فوٽو نه ڪڍايو تڏھن ڪرايل ترقياتي ڪم ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي هاڻي مخالف چون ٿا ته گيان کي ٽڪيٽ ڇو ملي ۔ مون کي پارٽي ۔ بلاول ۔ ملڪ اسد ٽڪيٽ ڏني آھي توهان ته مون کي ٽڪيٽ نه ڏني آھي ۔ هن چيو ته پارٽي ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽڪيٽ ملي ٿي ۔ هن چيو ته مخالف 2008 ۾ منهنجي ڀاء جي سامهون بيٺو ته 8000هزار ووٽ کنيا منهنجي ڀاء 48000ھزار ووٽ کنيا هئا هاڻي ڇا ڪيائين اليڪشن برهماڻي جي ڳچي ۾ وڌائين پر برهماڻي عقلمند آھي ڀلي هن وٽ راڄ آھن پر سياست الڳ شي آھي سمجهي ويو ۽ کيس سندس ڳچي ۾ وڌائين ۔ ڪوهستان جو امن سڪون خراب نه ڪريو ۔ هن چيو ته آئون به انسان آھيان هو جي اسان جي خلاف ڳالهائين ٿا ته الله سائين اسان کي زبان ڏني آھي واڻئي جي زبان ڪا ٺڪر جي ته نه ٺھيل آھي ملڪ سڪندر خان جونيئر چيو ته اسان جا مخالف اسان جي خلاف غلط لفظ استعمال ڪن ٿا اميدوارن جي خلاف بابا جي خلاف ڇا اهو توهان کان برداشت ٿيندو هن چيو ته هي سوشل ميڊيا جو دور آھي جيڪو تيز آھي انهي جي ڪري سهولتون رابطا سڀ آسان ٿي ويا آھن مخالفن وري ان تي غلط زبان استعمال ڪن ٿا هن چيو ته منهنجي والد صاحب مون کي چيو ته دوستي ايتري ڪجين جيڪا نڀائين سگهين دشمني ايتري ڪجين جيترو دشمن جو ڌڪ سهي سگهين ۔ هن چيو ته ڪوهستان امن وارو علائقو آهي هتي ڪيتريون قومون راڄ رهن ٿا جن جو روز ڪونه ڪو ڦڏو جهيڙو هوندو آھي ڪنهن جو زمين تي ته ڪنهنجو ٻي ڪنهن ڳالھ تي پر انهن جا فيصلا ڪير ڪندو آھي بابا ڪندو آھي انهن جو فيصلو مخالفن نه ڪيو آھي نه ئي ڪو مکڻ مان وار ڪڍيو آھي بابا جي انهن جا فيصلا صحيح نه ڪري ها توهان هتان جا ماڻھو پاڻ ۾ وڙھيل هجو ها توهان کي هڪ هنڌ هڪ جهڙو ٺاهي فيصلا ڪري سڀني برادرين کي گڏ ڪريو ويٺو آھي پاڻ ۾ هڪ ٿي سڀ برادريون رهيون پيون آھن ۔ هن چيو ته اسان واري مائٽ جو دماغ ڪم نٿو ڪري عارب خان وارا برهماڻي وڏيرا جيڪي هاڻ پاڻ کي سردار سڏائين ٿا ۔ انهن جا اصول ڪونهن 13 ۔ 14 سال اڳ اسان جي مائٽن ڊاڪٽر ٽيڪچند تي فائرنگ ڪئي اسان توهان عوام جو ساٿ ڏنو مائٽن کي رت ڀت مان ڪڍي ڇڏيو ۔ اسان توهان ماڻھن جي ڪري پنهنجا مائٽ چڏي ڏنا ۔ برهماڻين بابا کي چيو ته ملڪ چنگيز وارن کي به رت ڀت مان ڪڍ انهن اسان جو کير هاريو آھي بابا برهماڻين جي ڪري هنن کي رت ڀت مان ڪڍي ڇڏيو ۔ هاڻي برهماڻي ملڪ چنگيز سان گڏ جلسا ڪري رهيا آھن برهماڻين جي هڪ زبان نه،آھي برهماڻي بي اصول آھن ۔ ڇو ته اسان انهن جي ڪري پنهنجا مائٽ ڃڏي ڏنا ۔ هن چيو ته منهنجو نانا محمد صالح ڀوتاڻي ملڪ چنگيز جو ماما ٿئي هي پنهنجي ماما سان سچو نه آھي 2 سال پهرين سندس ماماخلاف ريليون ڪڍيون ملڪ چنگيز پنهنجي خاندان جو ٿي نه سگهيو اهو توهان جو ڪهڙو ٿيندو ۔ ملڪ چنگيز وارا ماڻھن سان مئو جيئرو ڪون ڪندا آھن هي زمين تي قبضي ڪرڻ وارن ۽ چورن جي ڀت تي ويا هوندا ۔ هن چيو ته اسان واڻئي کان پيسا وٺي سيٽ ڪون ڏني آھي پر اسان کي هڪ روپيو به حرام آھي ۔ ايسراڻي اڳ ۾ اقليت جي سيٽ تي رهيو آھي هن چيو ته 25 تاريخ امتحان جو ڏينهن آھي توهان کي پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ شھيدن جي پارٽي پ پ کي ووٽ ڪرڻو آھي انهن جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻو آھي ۔ ڇو ته پ پ جو هڪ ئي مشن آھي عوام جي خدمت ڪرڻ ۔ جلسي کي ملڪ مجاھد ـ غلام مصطفي’ کوسو ـ خدابخش وڪيجو ۔ شاهد پالاري ڪامريڊ سلام الدين پالاري حافظ اڪرم رند ۔ معشوق حملاڻي۔ ٻين خطاب ڪيو ـ محمد علي شاھ ۔ ايڊووڪيٽ سرواڻ خاصخيلي۔ ملڪ دوست علي۔ شھبيگ حملاڻي۔ چندر پال کمواڻي۔ ڊاڪٽر ڀون مل ڪمل ايسراڻي ملڪ هادي بخش ۔ ملڪ بهدي خان ۔ ملڪ ذاهد ۔ ملڪ محسن ۔ امير بخش خاصخيلي اميد علي خاصخيلي ۔ ۔ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن شرڪت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟