فرانسسي حڪومت پاران فاتح رانديگرن کي ملڪ جو سڀ کان وڏو “ليگو آف آنر” ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

0Shares

پئرس(اسپورٽس نيوز) حڪومت رانديگرن کي”ليگو آف آنر“ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪو ملڪ جوسڀ کان وڏو ايوارڊ ۽ غيرمعمولي خدمتن تي ڏنو ويندو آهي، وزيراعظم جي آفيس مان اهو ايوارڊ رانديگرن کي ڏيڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ناهي ڪيوويو. ٻئي طرف فيفا ورلڊ ڪپ جي فاتح وطن واپس پهتي ته  مداحن جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ پنهنجن هيروز جو استقبال ڪيو. فائر بريگيڊ جهاز مان ٻاهر  نڪرڻ کان اڳ ئي ”واٽر سيلوٽ“ پيش ڪيو. ڪپتان هوگو لوريس ۽ ڪوچ ڊيڊائير ديش چيمپيئن رانديگرن ۽ ٽرافي سان گڏ سڀ کان پهريان جهاز مان ٻاهر نڪتو، چيمپيئنز لاءِ خاص طور تي ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو، هنن کليل ڇت واري بس تي وڪٽر پريڊ ۾ حصو ورتو، حڪومت ٽيم کي ملڪ جي سڀ کان وڏي اعزاز سان نوازڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب فرانس جي فيفا عالمي ڪپ جي فاتح ٽيم گولڊن ٽرافي سان گڏ وطن واپس پهچي وئي آهي جتي هزارين جي انگ ۾ مداحن سندن استقبال ڪيو، ان مقصد لاءِ شهر جي اهم هنڌ چيمپس ايليسز تي وڪٽري پريڊ جو انتظام ڪيو ويو هو. ماسڪو ۾ آچر ڏينهن کيڏي ويندڙ فائنل ۾ فرانس ڪروشيا کي 4-2 تان شڪست ڏني هئي فائنل جي آخري سيٽي سان گڏ ئي سڄي فرانس ۾ خوشيون ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. سڄي رات مداحن نچندي ڳائيندي گذاري ۽ وري صبح کان چيمپس ايليسز تي پهچڻ شروع ٿي ويا. چيمپئنز جو چارلس ڊي گائول ايئرپورٽ تي هيرن وانگر استقبال ڪيوويو. فائر بريگيڊ جي طرفان خاص طور تي فاتح رانديگرن کي ”واٽر سيليوٽ“ پيش ڪيو ويو . ايئر پورٽ رانديگرن کي پريڊ لاءِ آندو ويو جنهن لاءِ کليل ڇت واري بس جو استعمال ڪيوويو عالمي ڪپ جي فاتحن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مداحن جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هو. تقريب بعد ملڪي صدر امانوئيل ماڪرون جي طرفان ٽيم لاءِ خاص آجياڻي جو انتظام ڪيو ويو. ان کان اڳ حڪومت رانديگرن کي”ليگو آف آنر“ ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ۽ غيرمعمولي خدمتن تي ڏنو ويندو آهي، وزيراعظم جي آفيس مان اهو ايوارڊ رانديگرن کي ڏيڻ لاءِ تاريخ جو اعلان ناهي ڪيوويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں