عمرڪوٽ (رپورٽ: نظر سميجو+سائينداد مڱريو): عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي جو تاريخي جلسو، عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. عمرڪوٽ ڀرسان روحل واءِ ۾ جي ڊي اي جو تاريخي جلسو ٿي گذريو. جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري صبغت الله شاهه راشدي چيو ته اسان جو مقابلو زرداري ليگ سان آهي. پ پ هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي نه پر زرداري ليگ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته آئون شاهه محمود قريشي جو شريڪ ادا ڪيان ٿو ته جو عمرڪوٽ ۾ اليڪشن وڙهي رهيا آهن. 1980ع ۾ زرداري ڪائونسلر جي چونڊ وڙهيو ۽ ڪائونسلر به بڻجي نه سگهيو. پر بينظير سان شادي ڪرڻ بعد زرداري ۽ ان جو والد اسيمبلي ۾ آيا. ان جي دل ۾ اهو ضروري هوندو ته هن ان جي پيءُ کي پ پ مان ڪڍيو هو. جنهن سبب هو هاڻ پ پ جو خاتمو آڻي رهيو آهي. 2008 ۾ عوام پ پ کي هارايو ۽ اسان جا ميمبر ملڻ سبب پ پ حڪومت ٺاهي ۽ اڄ اسان جو ملڪ تباهه ٿي ويو آهي. ۽ قرضي ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار قرضي آهي. جيڪو قرض کنيو پيو وڃي ان مان ڪرپشن ڪري اربين کربين رپيا ٻاهر موڪليا وڃن ٿا. سنڌ کي پ پ ختم ڪري ڇڏيو. ڪتو ڪتي کي نه کائي اهڙو پ پ وارن سنڌ کي کاڌو آهي. ڪمند جي تباهي ڪري ڇڏي 10 سالن ۾ ڪجهه ڪري نه سگهيا. وري ٻيا 5 سال پيا گهرن رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته چونڊن ۾ هڪ ٽڪيٽ ڀٽو خاندان وٽ نه آهي. سڀ زرداري ليگ وٽ آهن. مخدوم امين فهيم منهنجو دوست هو بينظير شهادت بعد پ پ امين فهيم جي عزت نه ڪئي. جيڪا موجوده بينظير ڀٽو جي وصيت ڏيکاري آهي. اها ڪوڙي آهي. هتي ان جو گواهه ناهيد خان آهي. جلسي کي خطاب ڪندي صدرالدين شاهه راشدي چيو ته بلاول ڀٽو ڪوڙ ٿو ڳالهائي پنهنجي پيءُ کان پڇي 10 سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو، سنڌ ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي، ادارا تباهه ڪيا ويا، ادي ۽ اديءَ مان جان آجي ڪرائڻي پوندي، هن چيو ته ميڊيا کان شڪايت آهي، ايڏي وڏي جلسي جي ڪوريج نه ڪئي، هن چيو ته عزت وارا جيل ۾ دوستيون نه ڪندو آهي، زرداري ائين ڪيو عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي پڌري ڪيو.صدر الدين شاهه راشدي چيو ته لٽيرن جو سج لهي ويندو، زرداري ليگ پويان ڪير به ناهي. شاهه محمود قريشي چيو ته آئون پيرپاڳاري جو شڪر گذار آهيان، جنهن اسان لاءِ وقت ڏنو هن چيو ته عمرڪوٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو اڄ ٿيو آهي، 2013ع ۾ وڏيون ڌانڌليون ٿيون، هاڻي ڌانڌليون ٿيڻ نه ڏينداسين، آخرڪار زرداري کي ايڏو ڀئو ڇو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي شڪست نظر اچي رهي آهي، پ پ سنڌ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا، عوام کي مهانگائي، بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو ويو. شاهه محمود چيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، هاڻي 2018ع جي چونڊن ۾ 2013ع وانگر نه ٿيندو، جي ڊي اي پي ٽي آءِ سان ملي تبديليي آڻي ڇڏي آهي، آصف زرداري اڄ ڏسي وٺ تون هيرو آهين يا زيرو جڏهن تبديلي ايندي آهي ته فرعون جي گهر ۾ موسيٰ جنم وٺندو آهي. جلسي کي خطاب ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته اڄوڪو جلسو تاريخي آهي،اقليتي برادري اسان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، جي ڊي اي لٽيرن ۽ مافيائن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ٺهي آهي، ادارا پيپلن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺن، جي ڊي اي مخالفن کي 25 جولاءِ تي شڪست ڏيندي. جلسي کي خطاب ڪندي جادم مڱريو ۽ دوست محمد ميمڻ چيو ته تبديلي اچي چڪي آهي، پ پ عوام سان دوکا ڪيا، 25 جولاءِ تي پ پ دفن ٿي ويندي، پيپلن ڌاڙا هنيا، اسان جي قيادت پاڪستان جي آهي، تاج شاهه جيلاني چيو ته هتان جو عوام پيراڻين گادين سان گڏ آهي. لال مالهي چيو ته عمرڪوٽ جي اقليتي برادري اسان سان گڏ آهي، رزاق راهمون چيو ته هن ڀيري عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ پ پ کي شڪست ملنددي، عوام پ پ مان بيزار آهي. ٻئي طرف جي ڊي اي جي جلسي ۾ ديوان چيتن مل آرواڻي، سلطان مري وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟